اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي غذائي ضرورتن کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ نار ملڪن کي کاڌي پيتي جي شين جي برآمد جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ، ڪراچي ۽ گوادر سميت عالمي هوائي اڏن تي فلائيٽ آپريشنز ۾ اضافي جي لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ان پاليسي ۾ دير ۽ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي …
وزيراعظم پاران نار ملڪن کي کاڌي پيتي جي شين جي برآمد جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ، ڪراچي ۽ گوادر سميت عالمي هوائي اڏن تي فلائيٽ آپريشنز ۾ اضافي جي لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت
اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي غذائي ضرورتن کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ نار ملڪن کي کاڌي پيتي جي شين جي برآمد جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ، ڪراچي ۽ گوادر سميت عالمي هوائي اڏن تي فلائيٽ آپريشنز ۾ اضافي جي لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ان پاليسي ۾ دير ۽ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ موجوده علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ نار رياستن کي کاڌي پيتي جي شين جي برآمد ۽ پاڪستان جي بندرگاهن ۽ ميري ٽائيم آپريشنز جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري، وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف نار ملڪن کي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي جي حوالي سان ٺاهيل حڪمت عملي ۽ هيستائين جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ادارن ۽ آفيسرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن هدايت ڪئي ته نار ملڪن کي گهربل کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي ۽ انهن جي غذائي تحفظ جي حوالي سان سمورا لاڳاپيل ادارا نار ملڪن سان ويجهي رابطي ۾ رهن. هن چيو ته موجوده علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ جڏهن عالمي سپلاءِ چين متاثر آهي، نار ملڪن جي غذائي ضرورتن جو خيال رکڻ اسان جو فرض آهي. هن هدايت ڪئي ته ملڪي غذائي ضرورتن کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ موجود کاڌي پيتي جي شين جي نار ملڪن ۾ برآمد جي لاءِ تيزي سان ڪم ڪيو وڃي، ملڪي غذائي ضرورتن جي لاءِ کاڌي پيتي جي شين جي طلب ۽ پهچ جي مڪمل نگراني ڪئي وڃي. هن خبردار ڪيو ته حڪومتي ادارن جي سطح تي فيصلاسازي ۾ ڪنهن به قسم جي دير قبول نه آهي، دير ۾ ملوث ماڻهن جي جوابدهي يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي، گوادر ۽ ٻين پاڪستاني اهم عالمي هوائي اڏن تي فلائيٽ آپريشنز م اضافي جي لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نار ملڪن کي ضرورت جي شين جي برآمدات جي حوالي سان کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته نار ملڪن سان برآمدات جي فروغ جي لاءِ ٺاهيل خصوصي ڪميٽي 40 فوڊ آئٽمز جي برآمد جي منظوري ڏني آهي، انهن فوڊ آئٽمز ۾ چانور، کاڄرو تيل، کنڊ، گوشت، پولٽري، خشڪ کير، ڊيري مصنوعات، ميوا، ڀاڄيون وغيره شامل آهن. بريفنگ موجب نار ملڪن سان واپار جي حوالي سان برآمد ڪندڙن جي ڊيٽا بيس تيار ڪئي وئي آهي، ڀاڄين، ميون ۽ گوشت جي برآمد جي حوالي سان ڪا اضافي ادائيگي نه ڪئي ويندي، کاڌي پيتي جي شين جي برآمدات جي حوالي سان هوائي ۽ سامونڊي اوپن روٽس کي استعمال ڪيو ويندو، نار ملڪن سان بزنس ٽو بزنس اجلاس ۽ ويبنارز منعقد ڪيا پيا وڃن. بريفنگ موجب ڪراچي ۽ بن قاسم جون بندرگاهون عيدالفطر جي موڪلن دوران پڻ ڀرپور فعال رهيون، ٽرانس شپمنٽ جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ آف – ڊاڪ ٽرمينلز تي پڻ ٽرانس شپمنٽ هينڊلنگ جي اجازت ڏني وئي جنهن جي لاءِ ڪسٽمز قانونن ۾ ضروري ترميمون ڪيون ويون، بندرگاهن تي چرپر جي حوالي سان لاڳو اگهه 60 سيڪڙو تائين گهٽ ڪيا ويا آهن، بندرگاهن تي ايڪسپورٽ فيسلي ٽيشن ڊيسڪون فعال ڪيون ويون آهن ۽ کاڄرو تيل آڻيندڙ سامونڊي جهازن کي بندرگاهن تي ترجيحي بنيادن تي لنگرانداز ڪرايو پيو وڃي.











