اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ناليواري ڪشميري سياسي اڳواڻ آسيه اندرابي کي عمرقيد جي سزا ٻڌائڻ ۽ ان جي ٻن ساٿين فهميده صوفي ۽ ناهيده نسرين کي ”غيرقانوني سرگرمين جي خاتمي واري ايڪٽ“ جهڙي سخت قانون تحت 30، 30 سال قيد جي سزا ڏيڻ کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو فيصلو انصاف جي گهرجن جي ابتڙ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير …
پاڪستان پاران آسيه اندرابي ۽ سندس ساٿين کي سزا جو فيصلو انصاف جي گهرجن جي خلاف قرار
اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ناليواري ڪشميري سياسي اڳواڻ آسيه اندرابي کي عمرقيد جي سزا ٻڌائڻ ۽ ان جي ٻن ساٿين فهميده صوفي ۽ ناهيده نسرين کي ”غيرقانوني سرگرمين جي خاتمي واري ايڪٽ“ جهڙي سخت قانون تحت 30، 30 سال قيد جي سزا ڏيڻ کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو فيصلو انصاف جي گهرجن جي ابتڙ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي حقن جي مسلسل پائمالي جي عڪاسي ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ان فيصلي کي سياسي بنياد تي قائم ڪيسن جي وسيع تر سلسلي جو حصو سمجهي ٿو جنهن جو مقصد اختلافي آوازن کي دٻائڻ ۽ ڪشميري عوام جي جائز حقن جي لاءِ آواز اٿاريندڙن کي خوفزده ڪرڻ آهي. هن چيو ته اهي سزائون قانوني گهرجن، عدالتي خودمختياري ۽ عالمي انساني حقن جي ذميوارين جي پاسداري جي حوالي سان سنگين خدشن کي جنم ڏين ٿيون. بيان موجب آسيه اندرابي ڊگهي عرصي کان ڪشمير ڪاز جي هڪ موثر آواز رهي آهي، سندس سزا ۽ سخت سلوڪ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياسي اظهار ۽ شهري آزادين جي محدود ٿيندڙ دائري کي ظاهر ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته اهڙا قدم خطي ۾ ڇڪتاڻ کي وڌائين ٿا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي امڪانن کي نقصان پهچائين ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن ۽ عالمي انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪري ٿو ته اهي ان صورتحال جو فوري نوٽيس وٺن ۽ ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ان جي قدمن تي جوابده قرار ڏي. هن چيو ته پاڪستن ڪشميري عوام جي سياسي، سماجي ۽ انساني حقن بشمول اظهار جي آزادي ۽ منصفاڻي ٽرائل جي حق جي تحفظ پڻ مطالبو ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ جائز جدوجهد جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو جنهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ تسليم ڪيو ويو آهي.











