اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) موسميات کاتي پاران ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران بلوچستان، خيبر پختونخوا، مٿانهين/ وچولي پنجاب، ڪشمير ۽ اسلام آباد ۾ ڪٿي ڪٿي جڏهن ته ڏکڻ پنجاب ۽ مٿانهين سنڌ ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن/ آنڌي ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) موسميات کاتي پاران ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران بلوچستان، خيبر پختونخوا، مٿانهين/ وچولي پنجاب، ڪشمير ۽ اسلام آباد ۾ ڪٿي ڪٿي جڏهن ته ڏکڻ پنجاب ۽ مٿانهين سنڌ ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن/ آنڌي ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهي. وچولي/ ڏکڻ اولهه بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ کان وڌ گرمي پد روهڙي، خيرپور ۾ 38، مٺي، سکر، لاڙڪاڻو، موهن جو ڊرو ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 37 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











