اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر، سڄي ملڪ ۾ گجگوڙ سان برسات ڳڙو پوڻ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، سمورن صوبائي ۽ ضلعي ادارن کي امڪاني موسمي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. اين ڊي ايم اي مان جاري بيان مطابق 24 کان 31 مارچ تائين بلوچستان جي ڏکڻ اولهندي علائقن کان …
اين ڊي ايم اي پاران سڄي ملڪ ۾ گجگوڙ سان برسات، ڳڙو پوڻ جو الرٽ جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر، سڄي ملڪ ۾ گجگوڙ سان برسات ڳڙو پوڻ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، سمورن صوبائي ۽ ضلعي ادارن کي امڪاني موسمي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. اين ڊي ايم اي مان جاري بيان مطابق 24 کان 31 مارچ تائين بلوچستان جي ڏکڻ اولهندي علائقن کان داخل ٿيندڙ اولهه واري هوائن جو سلسلو ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اثر انداز ٿيندو. اسلام آباد سميت پنجاب جي شهرن جن ۾ شامل مري، راولپنڊي، اٽڪ، جهلم، چڪوال، ميانوالي، منڊي بهاالدين ۾ 25 کان 26 مارچ برسات جو امڪان آهي. خوشاب، سرگوڌا، گجرات، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، لاهور، حافظ آباد، فيصل آباد، قصور، اوڪاڙه، نارووال، ڊي جي خان، ملتان، بهاولپور، ساهيوال، بهاولنگر ۽ رحيم يار خان ۾ به 25 کان 26 مارچ تي برسات جو امڪان آهي. پنجاب ۾ 28 کان 30 مارچ دوران برساتن جي سلسلي ۾ شدت جو امڪان آهي، ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي. خيبر پختونخوا جي مختلف علائقن ۾ 25 کان 26 مارچ برسات ۽ طوفان جو امڪان آهي. خيبر پختونخوا ۾ 28 کان 30 مارچ دوران برساتن جي شدت ۾ اضافي جو امڪان، جابلو علائقن ۾ برفباري ۽ ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي. گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي علائقن ۾ 25 کان 26 ۽ 28 کان 30 مارچ برسات جو امڪان آهي. مٿانهين علائقن ۾ برفباري جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي ڳڙهه پوڻ جو به امڪان آهي. بلوچستان جي شهرن ڪوئيٽا، زوب، زيارت، چمن، قلات، قلعه سيف الله، قلعه عبدالله، پشين، بارکان، سبي، ڊيره بگٽي، خضدار، آواران، خاران، چاغي، پنگور، تربت، گودار، لسٻيلو، لورالائي ۽ مستونگ ۾ 24 کان 25 ۽ 27 کان 29 مارچ تي برسات جو امڪان آهي. سنڌ جي شهرن ڪراچي، ٺٺو، بدين، حيدرآباد، سکر، دادو، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ 25 کان 26 ۽ 28 کان 29 مارچ برسات ۽ آنڌاڻي جو امڪان آهي. سڄي ملڪ ۾ تيز هوائون، وڄ ۽ ڳڙو پوڻ، ڪمزور تعميرات، وڻن ۽ بجلي جي لائن کي نقصان پهچي سگهي ٿو. برسات سبب روڊن ترڪڻ جون شڪار، ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. جابلو علائقن ۾ برفباري سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيڻ جو امڪان، مسافر احتياط ڪن. شهري غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، گاڏي احتياط کان هلائين ۽ موسمي هدايتن تي عمل ڪن. اين ڊي ايم اي، سموري صوبائي ۽ ضلعي ادارن کي امڪاني موسمي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.











