نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جي ملاقات

اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه ئي اڳتي وڌڻ جو واحد قابل عمل رستو آهي. هن تڪرار جي فوري حل …

اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه ئي اڳتي وڌڻ جو واحد قابل عمل رستو آهي. هن تڪرار جي فوري حل جي ضرورت تي زور ڏنو.