اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي پراڻي پاليسي موجب وچ اوڀر/ نار فارس جي جاري تڪرارن کي سفارتي ذريعن ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزارت چيو ته سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه اڪثر ان ڳالهه جا گهرجائو هوندا آهن ته ڪجهه معاملن کي رازداري سان اڳتي وڌايو …
پاڪستان وچ اوڀر تڪرارن کي سفارتي ذريعن ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: پرڏيهي وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي پراڻي پاليسي موجب وچ اوڀر/ نار فارس جي جاري تڪرارن کي سفارتي ذريعن ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزارت چيو ته سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه اڪثر ان ڳالهه جا گهرجائو هوندا آهن ته ڪجهه معاملن کي رازداري سان اڳتي وڌايو وڃي. تنهن ڪري ميڊيا کي گذارش آهي ته قياص آرائي کان پاسو ڪري ۽ فيصلن ۽ نتيجن بابت سرڪاري اعلانن جو انتظار ڪري.











