اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته عالمي ماڪيٽن ۾ ٻارڻ جي قيمتن ۾ واڌ جي منظرنامي ۾ پاڪستان، نسبت متوازن ۽ محتاط حڪمت عملي اختيار ڪندي مالياتي استحڪام ۽ عوامي مفاد وچ ۾ توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ٻين ملڪن جي برعڪس پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جو تناسب 22 کان 24 سيڪڙو …
ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان پيٽروليم مصنوعات جي حوالي سان متوازن ۽ محتاط حڪمت عملي اختيار ڪئي، قيمتن ۾ اضافي جو تناسب 22 کان 24 سيڪڙو رهيو: خرم شهزاد

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته عالمي ماڪيٽن ۾ ٻارڻ جي قيمتن ۾ واڌ جي منظرنامي ۾ پاڪستان، نسبت متوازن ۽ محتاط حڪمت عملي اختيار ڪندي مالياتي استحڪام ۽ عوامي مفاد وچ ۾ توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ٻين ملڪن جي برعڪس پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جو تناسب 22 کان 24 سيڪڙو جي وچ ۾ رهيو آهي. گذريل ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عالمي سطح تي ٻارڻ جي قيمتن ۾ تازن هفتن دوران نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، ڪيترن ئي ملڪن خاص طور تي ڊيزل جي قيمتن ۾ وڏي پيماني تي اضافو صارفين تائين منتقل ڪري ڇڏيو، ان جي برعڪس پاڪستان نسبت متوازن ۽ محتاط حڪمت عملي اختيار ڪندي مالياتي استحڪام ۽ عوامي مفاد وچ ۾ توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته معاشي جائزن مطابق ترقي يافته ۽ اسرندڙ معيشتن ۾ تازن ڏينهن ۾ ٻارڻ جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، عالمي سطح تي ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ رهيو، جتي ڪيترن ئي ملڪ ۾ قيمتون 27 کان 71 سيڪڙو يا ان کان به وڌيڪ وڌايون ويون، جڏهن ته پاڪستان ۾ اضافو نسبت محدود رهندي 22 کان 24 سيڪڙو وچ ۾ رهيو. هن چيو ته عالمي مصنوعات تي ٽيڪسن جي حوالي سان انگن اکرن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ ان مصنوعات تي ريٽيل ٽيڪس جي مجموعي شرح 25 سيڪڙو آهي، جنهن ۾ ڊيزل تي 16 سيڪڙو ۽ پيٽرول تي 33 سيڪڙو ٽيڪس شامل آهن. اها شرح خطي جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي.











