پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ عيد الفطر جي موڪلن کانپوءِ تيزي جو رجحان

اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ عيد الفطر جي موڪلن کانپوءِ گذريل ڏينھن شروع ٿيل ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1225.99 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 153966.36 پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 569 ڪمپينن جي شيئرز جي ليتي ڏيتي ٿي، 277 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 141 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 151 ڪمپينن …

اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ عيد الفطر جي موڪلن کانپوءِ گذريل ڏينھن شروع ٿيل ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1225.99 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 153966.36 پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 569 ڪمپينن جي شيئرز جي ليتي ڏيتي ٿي، 277 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 141 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 151 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، ڪاروباري سرگرمين دوران 375.34 ملين شيئرز جي ليتي ڏيتي ٿي جنهن جي ماليت 22.97 ارب رپيا هئي، ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 472.91 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 46696.52 پوائنٽس ۽ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 3161.96 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 222292.88 پوائنٽس تي بند ٿيو، فيوچر ٽريڊ جي تحت 9.74 ارب رپين جي ليتي ڏيتي ٿي، گذريل ڏينهن ڪي اليڪٽرڪ جي 35830953 شيئرز، يونٽي فوڊز ليميٽڊ 31582874 شيئرز ۽ بئنڪ آف پنجاب جي 24517649 شيئرز جي ليتي ڏيتي ٿي، مچلز فروٽ فارمز ليميٽڊ، ڪالوني ٽيڪسٽائل ملز ۽ فرسٽ النور مضاربه سرفهرسٽ ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.