غذائي تحفظ واري وزارت طرفان سمارٽ فارمنگ ٽيڪنالوجيز کي هٿي ڏيڻ ۽ مقامي زرعي مشينري جي ترقي لاءِ 990 ملين روپين جو منصوبو پيش

اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت طرفان سمارٽ فارمنگ ٽيڪنالوجيز کي هٿي ڏيڻ ۽ مقامي زرعي مشينري جي ترقي مضبوط بڻائڻ لاءِ 990 ملين روپين جي منصوبي جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. ويلٿ پاڪستان کي دستياب سرڪاري دستاويز مطابق ان منصوبي جو عنوان ”نيشنل ايگريڪلچرل ريسرچ سينٽر (اين اي آر سي ) ۾ ڊيجيٽل ۽ پِري سيزن ايگريڪلچرميڪانائزيشن سهولت جو قيام“ آهي. …

اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت طرفان سمارٽ فارمنگ ٽيڪنالوجيز کي هٿي ڏيڻ ۽ مقامي زرعي مشينري جي ترقي مضبوط بڻائڻ لاءِ 990 ملين روپين جي منصوبي جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. ويلٿ پاڪستان کي دستياب سرڪاري دستاويز مطابق ان منصوبي جو عنوان ”نيشنل ايگريڪلچرل ريسرچ سينٽر (اين اي آر سي ) ۾ ڊيجيٽل ۽ پِري سيزن ايگريڪلچرميڪانائزيشن سهولت جو قيام“ آهي. جنهن کي ايگريڪچرل انجنيئرنگ انسٽيٽيوٽ (اي اِي آءِ) اسلام آباد لاڳو ڪندو. اهو منصوبو جولاءِ 2026ع کان جون 2031ع تائين پنج سالن جي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو ۽ ان جو مقصد زرعي ميڪانائزيشن کي هٿي ڏيڻ ۽ پِري سيزن ۽ سمارٽ فارمنگ ٽيڪنالوجيز کي عام ڪرڻ آهي. اها تجويز اهم قومي ترقياتي فريم ورڪ سان هڪ جهڙائي رکي ٿي، جنهن ۾ اي ايس فائيو فريم ورڪ، 13 هون پنج سالن جو منصوبو، گڏيل قومن جو پائيدار ترقياتي هدف ۽ نيشنل ايگريڪلچرانوويشن اينڊ گروٿ پروگرام شامل آهن. ان منصوبي جو مقصد وسيلن جي اثرائتي استعمال تي ٻڌل ٽيڪنالوجيز کي هٿي ڏيڻ، ننڍن آبادگارن لاءِ ميڪانائزيشن جي سهولت فراهم ڪرڻ، قومي زرعي تحقيقاتي نظام کي مضبوط بڻائڻ، درآمدي متبادل کي هٿي ڏيڻ ۽ زرعي ايس ايم ايز ۽ مقامي صنعت ڪارن جو سهڪار ڪرڻ آهي. منصوبي تحت ٽن اهم سهولتن کي اپ گريڊ ڪيو ويندو، جنهن ۾ ڊيزائن ليب، پروٽو ٽائيپ ورڪشاپ ۽ ٽيسٽنگ ليب شامل آهن. ڊيزائن ليب کي جديد ٽيڪنالوجيز جهڙي ٿري ڊي اسڪيننگ، ڪمپيٽرايڊيڊ ڊيزائن، ماڊلنگ ۽ سموليشن ٽولز سان ليس ڪيو ويندو. پروٽو ٽائيپ ورڪشاپ کي ڪمپيوٽر نيوميرڪل ڪنٽرول (سي اين سي)، ڪمپيوٽر ايڊيڊ مينوفيڪچرنگ (سي اي ايم )، ليزر ڪٽنگ ۽ ٽيسٽنگ سهولت جي تنصيب ذريعي ڊجيٽل بڻايو ويندو، ته جيئن مشينري جي تياري ۽ جاچ کي بهتر بڻائي سگهجي. ان منصوبي تحت مصنوعي ذهانت، انٽرنيٽ آف ٿنگز، بنا پائيلٽ فضائي گاڏيون (يو اي ويز ) ۽ روبوٽڪس ذريعي جديد زرعي اوزارن جي تياري ڪئي ويندي. ان کان علاوه يو اي وي ۽ زرعي روبوٽڪس جي تياري ۽ انضمام لاءِ هڪ خصوصي سهولت سينٽر به قائم ڪيو ويندو. تحقيق ۽ ترقي جي سرگرمين تحت گهٽ ۾ گهٽ پنج مختلف زرعي مشينن جي پروٽو ٽائپس مقامي سطح تي ڊيزائن، تياري ۽ آزمائش ڪئي ويندي. صلاحيت سازي به ان منصوبي جو اهم جزو آهي. گهٽ ۾ گهٽ 10 تربيتي سرگرمين جن ۾ ورڪشاپس، تربيتي سيشنز ۽ هاري فيلڊ ڊيز شامل آهن، منعقد ڪئي ويندي ته جيئن هارين، صنعت ڪارن ۽ تحقيق ڪندڙن کي فني مهارتون فراهم ڪري سگهجن. امڪاني طور تي اها سهولت ويليو ايڊيڊ پيداوار جي نظام کي هٿي ڏيڻ، فني روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ مقامي مينوفيڪچرنگ صلاحيت کي مضبوط بڻائيندي. 500 کان وڌيڪ اسٽيڪ هولڊرز جنهن ۾ هاري، صنعت ڪار ۽ تحقيق ڪندڙ شامل آهن اهي تربيت ۽ علم جي ڏي وٺ ذريعي فائدو حاصل ڪندا، جنهن سان زرعي تحقيقاتي نظام ۾ صلاحيت سازي ۽ ٽيلنٽ جي تحفظ ۾ مدد ملندي.