ٽي بي علاج جوڳي بيماري آھي، پاڪستان ان جي خاتمي لاءِ پرعزم آھي: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آھي ته پاڪستان (ٽي بي) جي خاتمي لاءِ پرعزم آھي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ جامع ۽ اثرائتا قدم جاري آھن. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق ٽي بي جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ٽي بي علاج جوڳي بيماري آھي، جڏھن ته پرڏيھي ملڪن …

اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آھي ته پاڪستان (ٽي بي) جي خاتمي لاءِ پرعزم آھي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ جامع ۽ اثرائتا قدم جاري آھن. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق ٽي بي جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ٽي بي علاج جوڳي بيماري آھي، جڏھن ته پرڏيھي ملڪن ۾ اھو ھن وقت به سنگين چئلينج موجود آھي. ھن چيو ته ٽي بي نه رڳو مريضن پر انھن جي خاندانن ۽ مجموعي صحت جي نظام تي به وڏو بار آھي. سينيٽ چيئرمين ان ڳالھه تي زور ڀريو ته عوامي آگاھي ۾ اضافو ۽ وقت تي تشخيص کي يقيني بڻائڻ انتھائي ضروري آھي ته جيئن ان بيماري تي شروعاتي مرحلي ۾ ئي قابو ڪري سگھجي. ھن چيو ته مريضن کي معياري علاج بلا رنڊڪ فراھمي اڻٽر آھي ۽ ان سلسلي ۾ صحت جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ قومي ترجيح ھجڻ گھرجي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته احتياطي قدمن ۽ سيڙپڪاري ذريعي ٽي بي جو خاتمو ممڪن آھي، طبي ماھرن ۽ فرنٽ لائن ورڪرز جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آھن، جيڪي ان بيماري خلاف جنگ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيون آھن. ھن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ٽي بي کان پاڪ پاڪستان لاءِ حڪومتي ادارن، سول سوسائٽي ۽ عوام جون گڏيل ڪوششون اختيار ڪرڻيون پونديون ته جيئن ان موتمار بيماري جو مڪمل خاتمو ممڪن بڻائي سگھجي.