معاشي استحڪام ۾ بھتري، سيڙپڪارن جو وڌندڙ اعتماد ۽ منافعي جي فراهمي ۾ اضافو ٿي رھيو آھي: ايس آءِ ايف سي

اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) ايس آءِ ايف سي جي اثرائتي مدد سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ماحول ۾ نمايا بھتري اچي رھي آھي، جنھن جي نتيجي ۾ پرڏيھي سيڙپڪارن جو اعتماد مستحڪم ٿي رھيو آھي ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ تسلسل ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي. ايس آءِ ايف سي جي اختيارين مطابق مالي سال 2026ع جي شروعاتي 8 مھينن دوران پرڏيھي سيڙپڪارن جي منافعي ۽ ڊويويڊنڊ کي …

اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) ايس آءِ ايف سي جي اثرائتي مدد سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ماحول ۾ نمايا بھتري اچي رھي آھي، جنھن جي نتيجي ۾ پرڏيھي سيڙپڪارن جو اعتماد مستحڪم ٿي رھيو آھي ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ تسلسل ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي. ايس آءِ ايف سي جي اختيارين مطابق مالي سال 2026ع جي شروعاتي 8 مھينن دوران پرڏيھي سيڙپڪارن جي منافعي ۽ ڊويويڊنڊ کي نظر ۾ رکندي پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ 1.73 ارب ڊالرن تائين اضافو ٿيو، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 10.52 سيڪڙو وڌيڪ آھي. اھو اضافو ملڪي معيشت ۾ بھتري ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول جي عڪاسي ڪري ٿي. فيبروري 2026ع دوران پرڏيھي ڪمپنين طرفان 48.7 ملين ڊالرز جون ادائيگيون رڪارڊ ڪيو ويون. جيڪي مستحڪم ڪاروباري سرگرمين ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد جو مظھر آھن. شعبيوار جائزي مطابق پاور، مالياتي، فوڊ، ڪميونيڪيشن ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ ترتيبوار 421.85 ملين، 374.09 ملين، 142.42 ملين، 132.3 ملين ۽ 91.29 ميلن ڊالرز جون ادائيگيون رڪارڊ ٿيون، جيڪي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي پکيڙ کي ظاھر ڪن ٿيون. ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شھزاد مطابق ھڪ آزاد سروي مان ظاھر ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيھي سيڙپڪارن جو اعتماد نمايا طور وڌي رھيو آھي. ٻه سال اڳ اٽڪل 60 سيڪڙو سيڙپڪار پاڪستان کي سيڙپڪاري لاءِ موزون سمجھن پيا، جيڪو ھاڻي وڌي 75 سيڪڙو ٿي چڪو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته سيڙپڪارن مطابق ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي رھيو آھي، حڪومتي ڪارڪردگي بھتر ٿي آھي ۽ سيڪيورٽي صورتحال ۾ به ھاڪاري اڳڀرائي ڏسڻ ۾ آئي آھي. ايس آءِ ايف سي جي لڳاتار مدد سبب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي تسلسل کي ھٿي ملي رھي آھي. ۽ مالياتي استحڪام وڌيڪ مضبوط ٿي رھيو آھي، جيڪو ملڪي معيشت لاءِ سٺو سنوڻ آھي.