ملڪ جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ ساليانو بنيادن تي 35.5 سيڪڙو واڌ ٿي آهي: اسٽيٽ بينڪ

اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) ملڪ جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ ساليانو بنيادن تي 35.5 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. اسٽيٽ بينڪ موجب 14 مارچ تي ختم ٿيل هفتي ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڪاٿو 16.016 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن مان اسٽيٽ بينڪ وٽ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 11.147 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بينڪن وٽ 4.869 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيا ويا هئا. 13 مارچ تي …

اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) ملڪ جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ ساليانو بنيادن تي 35.5 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. اسٽيٽ بينڪ موجب 14 مارچ تي ختم ٿيل هفتي ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڪاٿو 16.016 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن مان اسٽيٽ بينڪ وٽ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 11.147 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بينڪن وٽ 4.869 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيا ويا هئا. 13 مارچ تي ختم ٿيل هفتي ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڪاٿو 21.704 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن مان اسٽيٽ بينڪ وٽ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 16.354 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بينڪن وٽ 5.351 ارب ڊالر ريڪارڊ ڪيا ويا هئا. ملڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ سال دوران مجموعي طور تي 35.5 سيڪڙو واڌ رهي. ان عرصي دوران اسٽيٽ بينڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ ساليانو بنيادن تي 46.7 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ ڪمرشل بينڪن جي ذخيرن ۾ 9.9 سيڪڙو واڌ ٿي.