اسلام آباد - 23 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم جي سفارش تي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 259 (2) تحت پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي 1989 اهلڪارن جي لاءِ عسڪري اعزازن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب منظور ٿيل اعزازن ۾ 23 هلال امتياز (ملٽري)، …
پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي 1989 اهلڪارن جي لاءِ عسڪري اعزازن جي منظوري
اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم جي سفارش تي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 259 (2) تحت پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي 1989 اهلڪارن جي لاءِ عسڪري اعزازن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب منظور ٿيل اعزازن ۾ 23 هلال امتياز (ملٽري)، 100 ستاره امتياز (ملٽري)، 136 تمغه امتياز (ملٽري)، 11 ستاره بسالت، 475 تمغه بسالت ۽ 130 امتيازي سندون شامل آهن. وڌيڪ اهو ته 175 تمغه خدمت (ملٽري) پهرين درجي، 319 تمغه خدمت (ملٽري) ٻئي درجي ۽ 620 تمغه خدمت (ملٽري) ٽئين درجي جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي.












