اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير محسن نقوي يومِ پاڪستان جي تاريخي موقعي تي قوم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته 23 مارچ 1940ع اسان جي قومي تاريخ جو اهو سونهري باب آهي جڏهن اسان جي وڏڙن هڪ ڌار وطن جو بنياد رکيو. پنهنجي پيغام ۾ هن پاڪستان جي بانين ۽ تحريڪ پاڪستان جي شهيدن کي زبردست لفظن ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته …
يومِ پاڪستان عزم ۽ وفا جي اڻمٽ داستان ۽ قومي يڪجهتي جي علامت آهي: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير محسن نقوي يومِ پاڪستان جي تاريخي موقعي تي قوم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته 23 مارچ 1940ع اسان جي قومي تاريخ جو اهو سونهري باب آهي جڏهن اسان جي وڏڙن هڪ ڌار وطن جو بنياد رکيو. پنهنجي پيغام ۾ هن پاڪستان جي بانين ۽ تحريڪ پاڪستان جي شهيدن کي زبردست لفظن ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته لاهور جي تاريخي اجتماع ۾ ڪيل وعدو صرف 7 سالن جي مختصر وقت ۾ پاڪستان جي صورت ۾ سامهون آيو. محسن نقوي چيو ته پاڪستان الله تعاليٰ جي انمول نعمت ۽ هڪ عظيم نظريي ۽ لازوال قربانين جو ثمر آهي. قرارداد لاهور دنيا کي واضح پيغام ڏنو ته مسلمان هڪ ڌار قوم آهن، جن کي پنهنجي سياسي، معاشي ۽ جاگرافيائي خودمختياري گهربل آهي. هن زور ڀريو ته يومِ پاڪستان اسان کي ياد ڏياري ٿو ته قومون صرف نظرين، اتحاد ۽ مسلسل جدوجهد عيوض ئي زندهه رهنديون آهن. گهرو وزير موجوده صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان هن وقت جن اندروني چئلينجز کي مُنهن ڏئي رهيو آهي ان کي اڄ به يومِ پاڪستان جهڙي جذبي، اتحاد ۽ يڪجهتيءَ جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته قائداعظم محمدعلي جناح جي سونهري اصول ”ايمان، اتحاد ۽ تنظيم“ ئي اسان جي ڪاميابيءَ جي واحد ضمانت آهي. محسن نقوي قوم کي اپيل ڪئي ته اچو اڄ جي ڏينهن سمورا اختلاف وساري انهن ئي اصولن کي اختيار ڪريون ته جيئن وطن عزيز کي درپيش چئلينجز جو ڄَمي مقابلو ڪري سگهجي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته قوم جي حيثيت سان اسان پاڪستان جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪنهن به قربانيءَ کان نه ڪيٻائينداسين.











