اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۾ جاپان جي سفير اڪاماتسوشو شوئيچي يومِ پاڪستان جي پُرمسرت موقعي تي ملڪ جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪون پيش ڪندي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته اسان سڀ تاريخي يومِ پاڪستان جي ياد ملهائي رهيا آهيون، مان ان موقعي تي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪون ۽ نيڪ خواهشون پيش ڪريان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته اچو ان اهم …
پاڪستان ۾ جاپان جي سفير پاران يومِ پاڪستان تي وڊيو پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۾ جاپان جي سفير اڪاماتسوشو شوئيچي يومِ پاڪستان جي پُرمسرت موقعي تي ملڪ جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪون پيش ڪندي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته اسان سڀ تاريخي يومِ پاڪستان جي ياد ملهائي رهيا آهيون، مان ان موقعي تي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪون ۽ نيڪ خواهشون پيش ڪريان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته اچو ان اهم ڏينهن تي هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جي تجديد ڪريون. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جاپان ترقي ۽ خوشحاليءَ جي سفر ۾ هميشه پاڪستان سان گڏ رهندو. هن وڌيڪ چيو ته يومِ پاڪستان مبارڪ هجي ۽ جاپان پاڪستان دوستي زندهه باد.











