وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پاران يوم پاڪستان تي پيغام

پشاور- 23 مارچ (اي پي پي) وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته قرارداد پاڪستان فقط هڪ قرارداد نه پر هڪ خواب جي عملي تعبير جي شروعات هئي. يومِ پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته 23 مارچ 1940ع اهو تاريخي ڏينهن آهي جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن هڪ ڌار وطن جي قيام لاءِ پنهنجي جدوجهد جو واضح ۽ پختو فيصلو ڪيو. هن چيو ته …

پشاور- 23 مارچ (اي پي پي) وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته قرارداد پاڪستان فقط هڪ قرارداد نه پر هڪ خواب جي عملي تعبير جي شروعات هئي. يومِ پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته 23 مارچ 1940ع اهو تاريخي ڏينهن آهي جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن هڪ ڌار وطن جي قيام لاءِ پنهنجي جدوجهد جو واضح ۽ پختو فيصلو ڪيو. هن چيو ته قرارداد پاڪستان فقط هڪ قرارداد نه، پر هڪ خواب جي عملي تعبير جي شروعات هئي، جيڪا قائداعظم محمدعلي جناح جي قيادت ۽ لکين جانين جي قربانين کانپوءِ پاڪستان جي صورت ۾ حقيقت بڻي. هن چيو ته اهو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته پاڪستان بيشمار قربانين ۽ جدوجهد جو ثمر آهي. اڄ اسان کي پنهنجي وڏڙن جي ان ايثار ۽ محنت مان سکندي عهد ڪرڻو پوندو ته اسان ملڪ جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحاليءَ لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج حب الوطني جي جذبي سان سرشار ٿي پاڪستان جي آزادي ۽ خودمختياريءَ جو دفاع ڪري رهي آهي، گذريل سال حق جي ويڙهه، آپريشن بنيان المرصوص ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج دشمن کي اثرائتو جواب ڏئي عسڪري تاريخ جو سونهري باب لکيو. هن دشمن جي عزمن کي ناڪام بڻائي ثابت ڪيو ته پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو ۽ اسان جو عزم پُختو آهي. هن چيو ته اسان عالمي برادريءَ کان اميد ڪريون ٿا ته هو والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام کي پنهنجي مرضيءَ موجب زندگي گذارڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ٺهرائن موجب کين خوداراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ ڀارت تي زور ڀري، اسان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي مظلوم ڀيڻن ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان جي استحڪام لاءِ اتحاد، رواداري ۽ محنت بنيادي ٿنڀ آهن. اسان کي هر قسم جي فرق ۽ ڏڦيڙ کان مٿانهون ٿي قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻي پوندي. اڄ جي ڏينهن عهد ڪريون ٿا ته پاڪستان جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪنهن به قربانيءَ کان پوئتي نه هٽنداسين.