نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي ترڪيه جي پرڏيهي وزير سان خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 23 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو جنهن ۾ آمريڪي صدر پاران تازو ئي جنگ جي عارضي خاتمي جي اعلان جو پڻ ذڪر ڪيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير …

اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو جنهن ۾ آمريڪي صدر پاران تازو ئي جنگ جي عارضي خاتمي جي اعلان جو پڻ ذڪر ڪيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مسلسل سفارتي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. هن بدلجندڙ صورتحال تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.