يومِ پاڪستان اسان کي آزادي جي عظيم مقصد ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني يومِ پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ پوري قوم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته 23 مارچ اسان جي قومي تاريخ جو هڪ اهم سنگِ ميل آهي جيڪو اسان کي آزاديءَ جي عظيم مقصد ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏنل بي مثال قربانين جي ياد ڏياري ٿو. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري پيغام ۾ هن …

اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني يومِ پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ پوري قوم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته 23 مارچ اسان جي قومي تاريخ جو هڪ اهم سنگِ ميل آهي جيڪو اسان کي آزاديءَ جي عظيم مقصد ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏنل بي مثال قربانين جي ياد ڏياري ٿو. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري پيغام ۾ هن چيو ته 1940ع جي تاريخي قرارداد ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ واضح منزل فراهم ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست پاڪستان جو قيام ممڪن بڻيو. اهو ڏينهن ان عهد جي تجديد جي گهُر ڪري ٿو ته اسان پنهنجي اسلاف جي نقشِ قدم تي هلندي ملڪ جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪريون. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جو قيام لکين مسلمانن جي قربانين ۽ اجتماعي جدوجهد جو نتيجو آهي. ٻه قومي نظريي جي بنياد تي ننڍي کنڊ جي مسلمانن پنهنجي مذهبي، سياسي ۽ معاشي آزاديءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي جدوجهد ڪئي، جنهن جو ثمر اڄ آزاد مملڪت جي صورت ۾ سامهون آيو. هن قائداعظم محمد علي جناح، ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ۽ ٻين بانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته انهن عظيم اڳواڻن جي اڳواڻي ۽ بصيرت مسلمانن کي هڪ واضح رُخ فراهم ڪيو. هن چيو ته 23 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ پيش ڪيل تاريخي قرارداد مسلمانن لاءِ هڪ ڌار وطن جي قيام جو بنياد رکيو، جنهن جي نتيجي ۾ لکين ماڻهن پنهنجي جان ۽ مال جي قرباني ڏئي ان خواب کي حقيقت ۾ بدلايو. سينيٽ چيئرمين پاڪستان جي دفاع کي فتح جوڳو بنائڻ ۾ پ پ جي قيادت جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو ويو، جنهن قومي دفاع کي نئون رُخ ڏنو. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو به قومي سلامتي جي استحڪام لاءِ اهم قدم کنيا، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان هڪ مضبوط دفاعي قوت طور تي دنيا ۾ پنهنجو مقام رکيو آهي. سينيٽ چيئرمين پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن، جرئت ۽ قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستاني فوج هر ڏُکي گهڙيءَ ۾ وطنِ عزيز جو دفاع يقيني بڻايو آهي. هن شهيدن جي قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندن عظيم قربانيون قوم لاءِ مشعلِ راهه آهن ۽ انهن کي ڪڏهن به وِساري نٿو سگهجي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته موجوده چئلينجز باوجود پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي. هن زور ڀريو ته قومي يڪجهتي، آئين جي بالادستي ۽ جمهوري قدرن کي هٿي وٺرائڻ ذريعي ملڪ کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻائي سگهجي ٿو. آخر ۾ سينيٽ چيئرمين دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي امن، ترقي ۽ خوشحالي عطا فرماءِ ۽ اسان کي اتحاد سان هڪ مضبوط ۽ فلاحي رياست جي تعمير جي توفيق ڏي.