اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ يومِ پاڪستان تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته ٺهراءُ پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست جو بنياد رکيو، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ اجتماعي ڪوششون اڻٽر آهن. بورڊ آف انويسٽمينٽ طرفان يومِ پاڪستان جي موقعي تي جاري مبارڪن واري پيغام ۾ هن چيو ته 23 مارچ 1940ع جو تاريخي ڏينهن ننڍي کنڊ جي …
قرارداد پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست جو بنياد رکيو: قيصر احمد شيخ

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ يومِ پاڪستان تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته ٺهراءُ پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست جو بنياد رکيو، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ اجتماعي ڪوششون اڻٽر آهن. بورڊ آف انويسٽمينٽ طرفان يومِ پاڪستان جي موقعي تي جاري مبارڪن واري پيغام ۾ هن چيو ته 23 مارچ 1940ع جو تاريخي ڏينهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي عزم ۽ اتحاد جو روشن مثال آهي، ٺهراءُ پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست جو بنياد رکيو. وفاقي وزير چيو ته اهو ڏينهن اسان کي اسلاف جي قربانين ۽ جدوجهد جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ اجتماعي ڪوششون اڻٽر آهن، ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اسان پُرعزم آهيون. قيصر احمد شيخ وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي سيڙپڪاريءَ لاءِ پُرڪشش منزل بنائڻ لاءِ سڌارا جاري آهن. هن چيو ته قومي يڪجهتي، استحڪام ۽ جٽادار ترقي ئي اسان جي ڪاميابيءَ جي ضمانت آهي. هن چيو ته نوجوان نسل ملڪ جي ترقي ۽ روشن مستقبل جي ضامن آهي، سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ سڀني کي متحد ٿي اڳتي وڌڻو پوندو. وفاقي وزير پنهنجي پيغام جي آخر ۾ پاڪستان آهي ته اسان آهيون، پاڪستان زندهه باد.











