بيگم نصرت ڀٽو جي جمهوريت لاءِ ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڏُکين حالتن ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي اڳواڻي قوم لاءِ مشعلِ راهه آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان ۾ سينيٽ چيئرمين، بيگم نصرت ڀٽو جي سالگره تي کيس خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته بيگم نصرت ڀٽو هڪ بهادر ۽ باوقار اڳواڻ هئي. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جون جمهوريت لاءِ خدمتون هميشه …

اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڏُکين حالتن ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي اڳواڻي قوم لاءِ مشعلِ راهه آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان ۾ سينيٽ چيئرمين، بيگم نصرت ڀٽو جي سالگره تي کيس خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته بيگم نصرت ڀٽو هڪ بهادر ۽ باوقار اڳواڻ هئي. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جون جمهوريت لاءِ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. سينيٽ چيئرمين جمهوري قدرن ۽ قانون جي بالادستي کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ بيگم نصرت ڀٽو جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دُعا به ڪئي.