بلاول ڀٽو زرداري جو مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي پيغام

لاڙڪاڻو/نئون ديرو- 23 مارچ (اي پي پي) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي سالگرهه تي پيغام ڏنو آهي مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت تي غير متزلزل يقين، جرئت ۽ قرباني جون لازوال علامت آهي. بيگم نصرت ڀٽو آمريت جي اڳيان هڪ مضبوط ديوار جيان بيٺي رهي. ھن وڌيڪ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو تاريخ جي ڏکين ترين دورن ۾ غير معمولي بهادري سان …

لاڙڪاڻو/نئون ديرو- 23 مارچ (اي پي پي) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي سالگرهه تي پيغام ڏنو آهي مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت تي غير متزلزل يقين، جرئت ۽ قرباني جون لازوال علامت آهي. بيگم نصرت ڀٽو آمريت جي اڳيان هڪ مضبوط ديوار جيان بيٺي رهي. ھن وڌيڪ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو تاريخ جي ڏکين ترين دورن ۾ غير معمولي بهادري سان جمهوريت جي جدوجهد جي اڳواڻي ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جون قربانيون جيڪي وقار ۽ ثابت قدمي سان عبارت آهين، قوم جي ضمير ۾ هميشه زندهه رهنديون. بيگم نصرت ڀٽو رڳو هڪ خاندان جي ماءُ نه هئي پر هڪ تحريڪ جي ماءُ هئي. مادرِ جمهوريت جي جرئت هر ان شخص لاءِ رستو روشن ڪيو، جيڪو نا انصافي جي اڳيان جهڪڻ کان انڪار ڪندو رهيو. بيگم نصرت ڀٽو جو ورثو اڄ به جمهوري قدرن، انساني حقن ۽ آئين جي بالادستي جي جدوجهد ۾ مشعلِ راهه آهي. قوم عزم مادرِ جمهوريت جي مشن کي اڳتي وڌائي. بيگم نصرت ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي اسان سڀني کي نئون عهد ڪرڻو پوندو. اچون ته عهد ڪريون ته اسين بيگم ڀٽو جي قربانين جو احترام هڪ انصاف پسند، جمهوري ۽ همدرد پاڪستان جي قيام جي جدوجهد ذريعي ڪنداسين.