صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري پاران ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري

ڳڙهي خدا بخش - 23 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ويا جتي هنن شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مرحومن …

ڳڙهي خدا بخش – 23 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ويا جتي هنن شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مرحومن جي قبرن تي گل چاڙهيا ۽ فاتحه خواني ڪئي.