صدر آصف علي زرداري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز جي ملاقات

لاڙڪاڻو - 23 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ڀٽو هائوس نئون ديرو ۾ ملاقات ڪئي. پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پاڪستان پيپلزپارٽي وومن ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر ۽ سنڌ جو صوبائي وزير سيد ناصر حسين …

لاڙڪاڻو – 23 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ڀٽو هائوس نئون ديرو ۾ ملاقات ڪئي. پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پاڪستان پيپلزپارٽي وومن ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر ۽ سنڌ جو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ ۾ امن امان، معاشي صورتحال، توانائي جي شعبي ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته وفاقي گهرو وزير صدر کي ملڪ ۾ دهشتگردي جي خلاف جاري ڪاررواين ۽ سرحدي سلامتي جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ پاڪ افغان ڇڪتاڻ ۽ علائقائي سيڪيورٽي چئلينجز جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وفاقي وزير ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير صدر کي معاشي انگن اکرن، توانائي جي شعبي ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي ڏس ۾ حڪومتي قدمن تي بريفنگ ڏني. صدر هدايت ڪئي ته خطي جي صورتحال جي ڏس ۾ معاشي پاليسين ۾ عوامي ريليف کي ترجيح ڏني وڃي ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي بار کي گهٽ کان گهٽ رکيو وڃي ته جيئن عام ماڻهو کي سهولت فراهم ڪري سگهجي.