اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي آواره ڪتن جي چڪ هڻڻ سان 8 سالا ٻارڙي مهر جي فوت ٿيڻ تي متاثر خاندان سان ملاقات، 5 لک رپيا مالي امداد ڏيڻ ۽ ٻارڙي جي والد جي لاءِ ملازمت جا حڪم جاري

لاهور - 23 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ لاهور جي علائقي ٽائون شپ ۾ آواره ڪتن جي چڪ هڻڻ سان 8 سالا ٻارڙي مهر جي فوت ٿيڻ جي واقعي تي متاثر خاندان سان ملاقات ڪئي. هن متاثر خاندان کي 5 لک رپيا مالي امداد ڏيڻ ۽ ٻارڙي جي والد جي لاءِ ملازمت جا حڪم جاري ڪيا جڏهن ته واقعي جي تدارڪ جي …

لاهور – 23 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ لاهور جي علائقي ٽائون شپ ۾ آواره ڪتن جي چڪ هڻڻ سان 8 سالا ٻارڙي مهر جي فوت ٿيڻ جي واقعي تي متاثر خاندان سان ملاقات ڪئي. هن متاثر خاندان کي 5 لک رپيا مالي امداد ڏيڻ ۽ ٻارڙي جي والد جي لاءِ ملازمت جا حڪم جاري ڪيا جڏهن ته واقعي جي تدارڪ جي لاءِ ٻه رڪني ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي. تفصيل موجب اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سينيئر سياستدان ساجده فاروق تارڙ ٽائون شپ ۾ مرحومه مهر جي گهر وڃي والد قيصر صديق مسيح ۽ ٻين گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي هن گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هو متاثر خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. وفاقي وزير متاثر خاندان کي 5 لک رپين جو چيڪ ڏنو ۽ ٻارڙيءَ جي والد جي لاءِ فوري طور تي ملازمت فراهم ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. ان موقعي تي عطاءُ الله تارڙ آواره ڪتن جي مسئلن جي حل لاءِ رفاقت ڊوگر ۽ ميري گل تي ٻڌل ٻه رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ڪميٽي عدالت ۾ پيش ٿي انهن حڪمن بابت صورتحال واضح ڪندي جن تحت ڪتن کي مارڻ تي منع وارو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته عدالت کي منع وارو حڪم ختم ڪرڻ جي درخواست پڻ ڪئي ويندي. هن چيو ته ان افسوسناڪ واقعي تي دل انتهائي ڏکويل آهي، اهڙن واقعن جي روڪٿام جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.