امن ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ڪوششن کي نقصان پهچائيندڙن جي مڪمل چيلهه چِٻي ڪنداسين: صدر آصف علي زرداري جو پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام

نواب شاهه-23 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قيام پاڪستان لاءِ ڏنل قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته انهن عظيم قربانين ۽ جدوجهد جي نتيجي ۾ ئي مسلمانن جو ڌار وطن وجود ۾ آيو، حالتن ثابت ڪيو ته قائداعظم ۽ مسلم قيادت جو ڌار وطن قائم ڪرڻ جو فيصلو نهايت دانشمنداڻو هو. دهشتگردي جي سرپرستي ۽ ڀارت يا ان جي لِڪل ڌرين ذريعي پنهنجي امن …

نواب شاهه-23 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قيام پاڪستان لاءِ ڏنل قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته انهن عظيم قربانين ۽ جدوجهد جي نتيجي ۾ ئي مسلمانن جو ڌار وطن وجود ۾ آيو، حالتن ثابت ڪيو ته قائداعظم ۽ مسلم قيادت جو ڌار وطن قائم ڪرڻ جو فيصلو نهايت دانشمنداڻو هو. دهشتگردي جي سرپرستي ۽ ڀارت يا ان جي لِڪل ڌرين ذريعي پنهنجي امن ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ڪوششن کي نقصان پهچائيندڙن جي مڪمل چيلهه چِٻي ڪنداسين. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر مملڪت چيو ته هو يوم پاڪستان جي موقعي تي پوري پاڪستاني قوم کي دلي مبارڪون ڏي ٿو. اڄوڪي ڏينهن 1940ع ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن قرارداد پاڪستان منظور ڪئي ۽ هڪ ڌار وطن جي قيام جو نظريو پيش ڪيو جتي هو اسلامي قدرن موجب آزاداڻي طور تي زندگي گذاري سگهن. اڄ اسان پنهنجي بزرگن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، جن جي جدوجهد ۽ قربانين جي نتيجي ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. صدر چيو ته پاڪستان جو ڏهاڙو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته قومي عزم کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ اتحاد ۽ يڪجهتي سڀني کان اهم عنصر آهي. 1947ع ۾ قيام پاڪستان جي وقت اسان کي بي شمار چئلينجز درپيش هئا. تاريخ گواهه آهي ته اسان گڏيل تعاون، محنت ۽ صلاحيت ذريعي انهن مشڪلاتن تي ضابطو آندو ۽ هر شعبي ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون. اسان رياستي ادارا قائم ڪيا، پنهنجي دفاعي صلاحيت کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو، ايٽمي دفاعي صلاحيت حاصل ڪئي، دهشتگردي خلاف ڊگهي ۽ ڪامياب غير روايتي جنگ وڙهي ۽ قدرتي آفتن دوران قرباني ۽ گڏيل تعاون جو روشن مثال قائم ڪيو. صدر ياد ڏياريو ته گذريل سال مئي ۾ حق جي ويڙهه دوران اسان دشمن جي اڳرائي جو بي خوف ٿي مقابلو ڪيو ۽ ان کي اهڙو سبق سيکاريو آهي جنهن کي هو ڊگهي عرصي تائين ياد رکندو. آپريشن بنيان المرصوص وانگر آپريشن غضب للحق به نمايان ۽ گهربل نتيجا حاصل ڪيا آهن. هن چيو ته افغانستان تي غير قانوني مڙهيل ٽولي کي اسان جو واضح پيغام آهي ته اسان فتنه الخوارج، فتنه الهندستان يا ڪنهن به ٻي گروهه کي افغانستان جي سرزمين تان پاڪستان خلاف ڪاررواين جو موقعو نه ڏينداسين. اسان دهشتگردي جي پٺڀرائي ۽ ڀارت يا ان جي لِڪل عنصرن ذريعي پنهنجي امن ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ڪوششن کي نقصان پهچائيندڙ جي مڪمل چيلهه چٻي ڪنداسين ته جيئن اسان جون وسنديون ۽ سرحدون محفوظ رهن. هن ڪشمير تڪرار کي ننڍي کنڊ جي اڌوري ايجنڊا قرار ڏيندي چيو ته اسان عالمي برادري مان اميد رکون ٿا ته هو والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام کي پنهنجي مرضي موجب زندگي گذارڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب کين خودمختياري وارو حق ڏيارڻ لاءِ ڀارت تي زور ڀري. هن زور ڀريو ته عالمي برادري کي اڳتي وڌي اسان جي فلسطيني ڀائرن تي ٿيندڙ ظلمن جو به خاتمو ڪرڻو پوندو جيڪي مڃيل ٻه رياستي حل ۽ پرامن گڏيل بقاءَ تحت باوقار ۽پرامن زندگي گذارڻ جا حقدار آهن. اهڙي طرح اسان وچ ايشيا ۾ تازي ڇڪتاڻ کي سفارتڪاري ۽ ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڀريون ٿا. صدر چيو ته يوم پاڪستان جي موقعي تي اسان کي اهو عزم ڪرڻو پوندو ته اسان قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻايون، جمهوري ادارن کي مضبوط ڪريون، اڻ برابري کي گهٽ ڪريون، عورتن کي بااختيار بڻايون، سياسي ۽ معاشي استحڪام کي هٿي ڏيون ۽ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي ناسور جو خاتمو ڪريون. اسان ماضي ۾ پنهنجا هدف حاصل ڪندا آيا آهيون ۽ مون کي پختو يقين آهي ته اسان پاڪستان کي درپيش موجوده چئلينجن تي به ضابطو آڻڻ جي مڪمل صلاحيت رکون ٿا. ايمان، اتحاد ۽ تنظيم اهي روشن اصول آهن جن تي ڪاربند ٿي اسان پاڪستان کي اڃان به وڌيڪ مضبوط ۽ خوشحال بڻائي سگهون ٿا. هن دعوت ڏني ته اچو ته پنهنجي قومي هيروز، قيام پاڪستان ۽ استحڪام پاڪستان خاطر قربانيون ڏيندڙ شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪريون جنهن مادر وطن جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون.