لاهور- 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سومر ڏينهن لاهور ۾ پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي مکيه جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم هڪ سادي پر باوقار تقريب ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ پڻ موجود هو. هن سال حڪومت ڪفايت شعاري ۽ توانائي جي بچت کي نظر ۾ رکندي 23 مارچ 2026ع تي روايتي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي لاهور ۾ پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي مکيه جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب ۾ شرڪت

مزید خبریں
لاهور- 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سومر ڏينهن لاهور ۾ پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي مکيه جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم هڪ سادي پر باوقار تقريب ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ پڻ موجود هو. هن سال حڪومت ڪفايت شعاري ۽ توانائي جي بچت کي نظر ۾ رکندي 23 مارچ 2026ع تي روايتي فوجي پريڊ ۽ سڀئي وڏيون تقريبون ختم ڪندي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب کي انتهائي سادگي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو، جڏهن ته سڀني سرڪاري کاتن کي پڻ هدايتُون ڪيُون ويُون هُيون ته تقريبون محدود رکيون وڃن. جڏهن ته پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي ايوارڊ ڏيڻ جي روايتي تقريب پُڻ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، جيڪا هاڻي 28 اپريل 2026ع تي منعقد ڪئي ويندي. وزيراعظم ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانن کي به 23 مارچ جون تقريبون انتهائي سادگي سان ملهائڻ جي هدايت ڪئي هُئي.











