وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران سرڪاري گاڏين ۾ هاءِ آڪٽين ٻارڻ جي استعمال تي پابندي لاڳو

لاهور- 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري گاڏين ۾ هاءِ آڪٽين ٻارڻ جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جنهن تي فوري طور تي عمل ڪيو ويندو. هن فيصلي جو مقصد قومي وسيلن جي اثرائتي ۽ ذميواراڻي استعمال کي يقيني بڻائڻ آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم، هاءِ آڪٽين ٻارڻ تي پيٽروليم ليوي ۾ اضافي جي فيصلي جي …

لاهور- 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري گاڏين ۾ هاءِ آڪٽين ٻارڻ جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جنهن تي فوري طور تي عمل ڪيو ويندو. هن فيصلي جو مقصد قومي وسيلن جي اثرائتي ۽ ذميواراڻي استعمال کي يقيني بڻائڻ آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم، هاءِ آڪٽين ٻارڻ تي پيٽروليم ليوي ۾ اضافي جي فيصلي جي تسلسل ۾، هڪ ٻيو اهم فيصلو ڪندي سرڪاري گاڏين ۾ هاءِ آڪٽين ٻارڻ جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جيڪو فوري طور تي لاڳو ٿيندو. بيان موجب، جيڪڏهن ڪنهن به سرڪاري کاتي جي گاڏي ۾ هاءِ آڪٽين ٻارڻ جو استعمال اڻٽر آهي، ته استعمال ڪندڙ پنهنجي ذاتي کيسي مان خرچ ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته سڀئي وفاقي کاتا، اختياريون ۽ ماتحت ادارا هن فيصلي تي فوري ۽ مڪمل عمل درآمد کي يقيني بڻائين. ياد رهي ته ان کان پهرين سرڪاري گاڏين لاءِ ٻارڻ تي 50 سيڪڙو ڪٽوتي پهرين ئي لاڳو ٿي چُڪي آهي، ان کان علاوه، 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون گرائونڊ ڪيون ويون آهن. عوام کي رليف ۽ سستو ٻارڻ فراهم ڪرڻ لاءِ انهن قدمن ذريعي ٿيندڙ بچت کي استعمال ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو آهي ته ڪفايت شعاري جي پاليسي تي سختي سان عمل ڪندي غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. انهن قدمن سان سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ عوامي وسيلن جو بهتر استعمال ممڪن ٿيندو. وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته هن فيصلي جي نگراني لاءِ موثر نظام تيار ڪيو وڃي ۽ خلاف ورزي جي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.