اسلام آباد-22 مارچ(اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پاڻي جو عالمي ڏينهن ڪالهه 22 مارچ تي ملهايو ويو، هلندڙ سال اهو ڏينهن” پاڻي ۽ صنفي برابري،جٿي پاڻي هوندو آهي اتي برابري وڌنڌي آهي“ جي عنوان هيٺ ملهايو ويو. 2026ع جي پاڻي جي عالمي ڏينهن جي عنوان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته آبي تحفظ صرف هڪ فني مسئلو نه آهي پر سماجي انصاف ۽ صنفي برابري جي لحاظ …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پاڻي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-22 مارچ(اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پاڻي جو عالمي ڏينهن ڪالهه 22 مارچ تي ملهايو ويو، هلندڙ سال اهو ڏينهن” پاڻي ۽ صنفي برابري،جٿي پاڻي هوندو آهي اتي برابري وڌنڌي آهي“ جي عنوان هيٺ ملهايو ويو. 2026ع جي پاڻي جي عالمي ڏينهن جي عنوان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته آبي تحفظ صرف هڪ فني مسئلو نه آهي پر سماجي انصاف ۽ صنفي برابري جي لحاظ کان پڻ اهم آهي. پاڪستان کي پاڻي جي گهٽتائي جو چيلينج درپيش آهي ۽ پاڪستان جي قيام کان پوءِ في ڪس پاڻي جي دستيابي گهٽجي چڪي آهي. واضح رهي ته موسمياتي تبديلي سبب غير امڪاني برساتن ۽ گليشئرز جي نظام ۾ تبديلين پاڻي جي گهٽتائي واري خطري ۾ اضافو ڪيو آهي. پاڻي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سرڪاري، خانگي ۽ سماجي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويون جن ۾ پاڻي جي اهميت ۽ کوٽ وارن مسئلن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني وئي.











