اسلام آباد-22 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڻي جي وڌيڪ ذميواري ۽ احتياط سان استعمال تي زور ڀريندي چيو آهي ته آبي وسيلن جو محتاط انتظام، ان سلسلي ۾ سيڙپڪاري، رٿابندي ۽ عورتن جي وڌيڪ شموليت اڻٽر آهي، گڏيل آبي وسيلن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ انتهائي خطرناڪ آهي. اهڙو اظهار هن پاڻي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، جيڪو 22 مارچ آچر …
آبي وسيلن جي محتاط انتظام، سيڙپڪاري ۽ رٿابندي ۽ عورتن جي وڌيڪ شموليت اڻٽر آهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد-22 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڻي جي وڌيڪ ذميواري ۽ احتياط سان استعمال تي زور ڀريندي چيو آهي ته آبي وسيلن جو محتاط انتظام، ان سلسلي ۾ سيڙپڪاري، رٿابندي ۽ عورتن جي وڌيڪ شموليت اڻٽر آهي، گڏيل آبي وسيلن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ انتهائي خطرناڪ آهي. اهڙو اظهار هن پاڻي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، جيڪو 22 مارچ آچر ڏينهن ملهايو پيو وڃي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب صدر چيو ته هن سال پاڻي جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع ”پاڻي ۽ صنفي برابري“ آهي جيڪو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته پاڻي جي کوٽ جو اثر سڀني تي هڪجهڙو نٿو ٿئي. جڏهن محفوظ پاڻي گهر جي ويجهو دستياب نه هجي ته عورتون ۽ ٻارڙيون سڀ کان وڌيڪ بار کڻنديون آهن. پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هاڻي به گهريلو ضرورتن لاءِ ڏورانهن يا ڀروسو نه ڪرڻ جوڳن پاڻي جي ذريعن تي ڀاڙيو ويندو آهي. عورتون ۽ ٻارڙيون روزاني ڪيترائي ڪلاڪ پاڻي گڏ ڪرڻ ۾ خرچ ڪنديون آهن، جڏهن ته اهو وقت اهي تعليم، روزگار يا پنهنجي خاندان سان گذاري سگهن ٿيون. صدر چيو ته محفوظ پاڻي جي عدم دستيابي صحت جي مسئلن کي به جنم ڏئي ٿي ۽ گهريلو زندگي تي اضافي دٻاءُ وجهي ٿي. ان خال کي ڀرڻ صرف عوامي خدمتن جي فراهمي جو معاملو ناهي پر انصاف ۽ موقعن جي فراهمي جي به گهُرج آهي. محفوظ پاڻي ۽ سينيٽيشن جي سهولتن تائين پهچ اسان جي آئين تحت بنيادي حق آهي. ڀروسي جوڳي ۽ محفوظ پاڻي جي فراهمي کي قومي ترجيح بڻائي رکڻ ضروري آهي. ان لاءِ آبي وسيلن جو محتاط انتظام، پاڻي جي نظام ۾ سيڙپڪاري، رٿابندي ۽ فيصلا سازي ۾ عورتن جي وڌيڪ شموليت اڻٽر آهي. صدر مملڪت چيو ته مقامي ڪميونٽيز برسات جي پاڻي کي محفوظ ڪرڻ (ري واٽر هارويسٽنگ) ۽ ٻيا سادا طريقا اختيار ڪري سڌي ريت پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهي قدم زمين اندر پاڻي جي ذخيرن کي ڀرڻ ۽ پاڻي جي سطح بلند ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا. شهرين جا ننڍا ننڍا قدم مجموعي طور تي پاڻي جي دستيابي تي نمايان اثر وجهي سگهن ٿا. صدر پاڻي کي زراعت، شهرن ۽ اسان جي قدرتي ماحول جي بقاءَ جي بنيادي حيثيت وارو قرار ڏيندي چيو ته آبادي ۾ اضافي ۽ موسمياتي تبديلي سبب پاڻي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، تنهن ڪري اسان کي پاڻي جو استعمال وڌيڪ ذميواري ۽ احتياط سان ڪرڻو پوندو. هن هڪ دفعو ٻيهر ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي هڪطرفي معطلي جي شديد مذمت ڪندي چيو ته گڏيل آبي وسيلن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ انتهائي خطرناڪ آهي. ڀارت جو ان معاهدي کي معطل ڪرڻ، هائيڊرو لوجيڪل ڊيٽا جي فراهمي ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ طئي ٿيل طريقيڪار کي متاثر ڪرڻ، پراڻي عالمي معاهدي جي روح ۽ متن ٻنهي جي ابتڙ آهي، جيڪو گذريل 6 ڏهاڪن کان سنڌو درياءَ جي نظام جي منصفاڻي استعمال کي يقيني بڻائي رهيو آهي. ان طرز عمل سان خوراڪ ۽ معيشت کي خطرا درپيش ٿين ٿا، انهن لکين ماڻهن جي روزگار کي نقصان پهچي ٿو جيڪي انهن پاڻين جي ڀاڙين ٿا ۽ عالمي قانون تحت سرحدي آبي وسيلن جي انتظام لاءِ هڪ خطرناڪ مثال قائم ٿيو آهي. صدر چيو ته هو ڀارت کان مطالبو ڪري ٿو ته هو پنهنجي عالمي ذميوارين موجب ان معاهدي تي مڪمل عملدرآمد فوري طور تي بحال ڪري.











