حڪومت قومي آبي پاليسي جي دائره ڪار ۾ ڪيترائي اهم سڌارتي قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم شهباز شريف

لاهور-22 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صاف پاڻي تائين پهچ کي بنيادي حق قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت قومي آبي پاليسي جي دائره ڪار ۾ ڪيترائي اهم سڌارتي قدم کڻي رهي آهي ته جيئن مستقبل لاءِ پاڻي جي وسيلن کي محفوظ بڻائي سگهجي، وفاقي حڪومت 18 ننڍن، وچولن ۽ وڏن ڊيمز جي تعمير تي ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته عالمي سطح تي پاڪستان پنهنجي قومي …

لاهور-22 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صاف پاڻي تائين پهچ کي بنيادي حق قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت قومي آبي پاليسي جي دائره ڪار ۾ ڪيترائي اهم سڌارتي قدم کڻي رهي آهي ته جيئن مستقبل لاءِ پاڻي جي وسيلن کي محفوظ بڻائي سگهجي، وفاقي حڪومت 18 ننڍن، وچولن ۽ وڏن ڊيمز جي تعمير تي ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته عالمي سطح تي پاڪستان پنهنجي قومي آبي حقن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي. اهڙو اظهار هن پاڻي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، جيڪو 22 مارچ آچر ڏينهن ملهايو پيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ پاڻي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. هلندڙ سال اهو ڏينهن ”پاڻي ۽ صنفي برابري: جتي پاڻي وهندو آهي، اتي برابري وڌندي آهي“، جي عنوان تحت ملهايو پيو وڃي، جيڪو ان ڳالهه کي اجاگر ڪري ٿو ته آبي تحفظ رڳو هڪ فني مسئلو ناهي پر سماجي انصاف ۽ صنفي برابري لاءِ به اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ جو چئلينج درپيش آهي ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ في ڪس پاڻي جي دستيابي 5260 مڪعب ميٽرکان گهٽجي 1000 مڪعب ميٽر کان به هيٺ اچي چڪي آهي، موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ برساتن جي غير متوقع پيٽرن ۽ گليشيئرز جي نظام ۾ تبديلين پاڻي کوٽ جي انهن خطرن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. پاڻي جي کوٽ سمورن طبقن جي روزمره زندگي، رهڻي ڪهڻي ۽ معاشرتي تنوع تي به اثر انداز ٿئي ٿي، گهريلو سطح تي صنفي رُخ نهايت اهم آهي، ڇاڪاڻ ته عام طور تي اسان جون عورتون گهريلو استعمال جي پاڻي جي انتظام جون وڌيڪ ذميواري کڻنديون آهن، پاڻي جي دستيابي ۾ ڏکيائي انهن جي قيمتي وقت کي زيان جو سبب بڻجي ٿي، خاص ڪري ٻهراڙي ۾ پاڻي جو انتظام هڪ وقت طلب ڪم آهي، جنهن سان تعليمي ۽ معاشي سرگرميون متاثر ٿين ٿيون. وزيراعظم چيو ته حڪومت صاف پاڻي تائين پهچ کي بنيادي حق سمجهي ٿي ۽ پاڻي جي انتظام ۽ فيصلي سازي جي عمل ۾ عورتن جي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته حڪومت قومي آبي پاليسي جي دائره اختيار ۾ ڪيترائي سڌارتي قدم کڻي رهي آهي ته جيئن مستقبل لاءِ پاڻي جي وسيلن کي محفوظ بڻائي سگهجي، پاڻي ذخيرن ۾ اضافي لاءِ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ رپوگرام تحت وفاقي حڪومت 18 ننڍن، وچولن ۽ وڏن ڊيمن جي تعمير تي ڪم ڪري رهي آهي، انهن ۾ ديامير ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم جهڙا وڏا منصوبا شامل آهن، جيڪي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت وڌائڻ سان گڏوگڏ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۾ به مددگار ثابت ٿيندا. جڏهن ته نولونگ ڊيم ۽ نئين گاج ڊيم زرعي آبپاشي کي بهتر بڻائيندا، ان کانسواءِ گريٽر ڪراچي واٽر سپلائي (ڪي فور) ڪراچي پاڻي جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهم آهي. چنيوٽ ڊيم فيصل آباد کي پاڻي فراهم ڪندو جڏهن ته ڪڇي ڪينال ۽ چشمه رائيٽ بئنڪ ڪينال ڪڇي ۽ ڊيره اسماعيل خان جي ميدياني علائقن کي آبپاشي ۽ پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪندا. وزيراعظم چيو ته اهي سمورا منصوبا مجموعي طور تي پاڻي جي دستيابي ۾ اضافي، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته ڊيمز کانسواءِ حڪومت جو هدف آهي ته نهري نظام جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ذريعي پاڻي جي زيان ۾ 33 سيڪڙو گهٽتائي ۽ پاڻي جي موثر استعمال ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي ته جيئن گهٽ پاڻي ۾ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري سگهجي. جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ارسا سڄي ملڪ ۾ آبي نظام ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٽيلي ميٽري سسٽم لڳائي رهيو آهي جيڪو 2027ع تائين مڪمل ٿي ويندو. ان سان دريائن جي وهڪري جي وقت سر نگراني ممڪن ٿيندي ۽ بين الصوبائي پاڻي جي ورڇ جي مسئلن جي حل ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان پنهنجي قومي آبي حقن جي دليراڻي انداز ۾ حفاظت لاءِ پرعزم آهي ۽ ڪنهن به نوعيت جي آبي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. هن سمورن لاڳاپيل ادارن، ترقياتي حصيدارن، سول سوسائيٽي ۽ هر شهري کي اپيل ڪئي ته پاڻي کي هڪ قيمتي نعمت سمجهندي ان جي تحفظ کي يقيني بڻايو. وزيراعظم چيو ته هو حڪومتي سطح تي ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو اسان جامع، پائيدار ۽ صنفي رخ سان حساس آبي وسيلن جي انتظام کي هٿي ڏيندو.