اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پوري پاڪستاني قوم کي عيدالفطر جي خوشين واري موقعي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيدالفطر حقيقت ۾ رمضان مهيني جي عبادتن، صبر، تقويٰ ۽ ايثار جو صِلو آهي. صدر آصف علي زرداري عيدالفطر جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هي ڏينهن اسان کي الله تعاليٰ جي رحمت، مغفرت ۽ بندگيءَ جي احساس سان گڏ …
عيدالفطر حقيقت ۾ رمضان مهيني جي عبادتن، صبر، تقويٰ ۽ ايثار جو صِلو آهي: صدر آصف علي زرداري جو عيدالفطر تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پوري پاڪستاني قوم کي عيدالفطر جي خوشين واري موقعي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيدالفطر حقيقت ۾ رمضان مهيني جي عبادتن، صبر، تقويٰ ۽ ايثار جو صِلو آهي. صدر آصف علي زرداري عيدالفطر جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هي ڏينهن اسان کي الله تعاليٰ جي رحمت، مغفرت ۽ بندگيءَ جي احساس سان گڏ هڪ نئين روحاني زندگي شروع ڪرڻ جو پيغام ڏي ٿو. الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمائي ٿو ”اي ايمان وارو! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن ته جيئن توهان ۾ تقويٰ پيدا ٿئي.“ هن چيو ته عيد جو اصل پيغام تقويٰ، خوداحتسابي ۽ اخلاقي طهارت آهي. رسول اڪرم ﷺ فرمايو ”جيڪو شخص ايمان ۽ ثواب جي لاءِ روزو رکي ٿو، ان جا سڀ گناهه معاف ڪيا ويندا.“ صدر چيو ته هي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته رمضان المبارڪ ۾ حاصل ڪيل تربيت کي پنهنجي عملي زندگي ۾ برقرار رکڻ ئي حقيقي ڪاميابي آهي. صبر، برداشت، همدرديءَ، عدل ۽ اخوت اهي قدر آهن جيڪي نه رڳو هڪ مثالي شخص پر هڪ مضبوط ۽ متحد قوم جو بنياد بڻجن ٿا. هن چيو ته عيدالفطر جو ڏينهن گڏيل محبت، ڀائيچاري ۽ سماجي هم آهگني کي فروغ ڏيڻ جو ڏينهن آهي، هي اسان کي ان ڳالهه جي تلقين ڪري ٿو ته اسان پنهنجي ڀرپاسي موجود ضرورتمندن، يتيمن ۽ محروم طبقن کي پنهنجي خوشين ۾ شريڪ ڪريون ۽ معاشري ۾ ذميواري جي احساس کي مضبوط ڪريون. صدر چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي قومي يڪجهتي، آئيني بالادستي ۽ قانون جي پاسداري جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي توفيق ڏي ته خطي ۾ آيل مصيبتن جو ائين مقابلو ڪريون جو مسلمان امت جو اتحاد قائم رهي ۽ سڄي دنيا ۾ امن قائم ٿئي. صدر چيو ته آئون دعاڳو آهيان ته الله تعاليٰ اسان جي عبادتن کي قبول فرمائي، پاڪستان کي امن ۽ سلامتي ۽ استحڪام سان نوازي ۽ اسان کي اتحاد ۽ اتفاق سان اڳتي وڌڻ جي توفيق عطا فرمائي.











