اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت جي ذريعي ۽ صوبائي ادارن جي حصيداري سان ٻيلن جي زمين ۾ اضافي ۽ خراب ٿيل زمين جي بحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گرين پاڪستان پروگرام تحت 125 ارب رپين کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي ۽ 2 ارب کان وڌيڪ وڻ لڳايا …
حڪومت ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت جي ذريعي ۽ صوبائي ادارن جي حصيداري سان ٻيلن جي زمين ۾ اضافي ۽ خراب ٿيل زمين جي بحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت جي ذريعي ۽ صوبائي ادارن جي حصيداري سان ٻيلن جي زمين ۾ اضافي ۽ خراب ٿيل زمين جي بحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گرين پاڪستان پروگرام تحت 125 ارب رپين کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي ۽ 2 ارب کان وڌيڪ وڻ لڳايا يا ورهايا ويا آهن. صدر اهڙن خيالن جي اظهار ٻيلن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اڄ پاڪستان ٻيلن جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيو آهي ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪري ٿو ته وڻ زندگي کي سهارو ڏين ٿا، روزگار فراهم ڪن ٿا ۽ اسان جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۾ مددگار آهن. صدر چيو ته هن سال جو موضوع ”ٻيلا ۽ معيشت“ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ٻيلا رڳو قدرتي جايون نه آهن پر اسان جي معيشت ۽ معاشري جي لاءِ انتهائي اهم وسيلا آهن، ڪيترن ئي خاندانن ۾ اهي خوراڪ، ٻارڻ ۽ آمدني جو ذريعو بڻجن ٿا، ٻيلا آبادگارن جي مدد ڪن ٿا، پاڻي ذخيرن جو تحفظ ڪن ٿا، جهنگلي جيوت کي پناهه ڏين ٿا ۽ ماحولياتي تبديلين جي اثرن جي مقابلي ۾ ڪميونٽيز کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ٿا. هن چيو ته ڪيترائي خاندان خاص طور تي ڳوٺاڻي علائقن ۾ رهندڙن جي لاءِ ٻيلا رڳو سرسبز نه آهن پر هڪ ضرورت آهن، اهي کاڌو پچائڻ جي لاءِ ٻارڻ، ننڍي ڪاروبار جي لاءِ ڪاٺ ۽ جهنگلي ميوا ۽ ٻوٽا فراهم ڪن ٿا جيڪي خوراڪ جي پيداوار ۾ اضافو ڪن ٿا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ٻيلا اٽڪل 4.1 ملين هيڪٽرز تي پکڙيل آهن جيڪو ڪل زمين جو اٽڪل 5 سيڪڙو بڻجي ٿو، هر سال اٽڪل 11000 هيڪٽرز ٻيلا ختم ٿي رهيا آهن، ان لاءِ انهن جو تحفظ ۽ اضافو انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته شهرن ۾ به ننڍا جهنگلي علائقا ۽ پارڪس فضائي آلودگي کي گهٽ ڪن ٿا ۽ گرمي پد ۾ گهٽتائي آڻين ٿا، اهي ٻارن کي کيڏڻ جون محفوظ جايون فراهم ڪن ٿا ۽ اهو ظاهر ڪن ٿا ته ٻيلا هر پاڪستاني جي روزاني جي زندگي جو حصو آهن. هن چيو ته ٻيلن جو تحفظ هڪ ماحولياتي فرض هجڻ سان گڏوگڏ معاشي ضرورت پڻ آهي. صدر چيو ته حڪومت، ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت جي ذريعي ۽ صوبائي ادارن جي حصيداري سان ٻيلن جي زمين ۾ اضافي ۽ خراب ٿيل زمين جي بحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گرين پاڪستان پروگرام تحت 125 ارب رپين کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي ۽ 2 ارب کان وڌيڪ وڻ لڳايا يا ورهايا ويا آهن. هن چيو ته اهي قدم سبز روزگار پيدا ڪري رهيا آهن، ڳوٺاڻي آمدني کي سهارو ڏئي رهيا آهن ۽ اسان جي ماحولياتي نظام کي مضبوط بڻائي رهيا آهن، ڪيترن ئي خاندانن جي لاءِ ان جو مطلب آهي ته ٻار اسڪول وڃي سگهن ٿا ۽ خاندان پنهنجي روزاني جون ضرورتون بهتر طور تي پوريون ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته صحتمند ٻيلا ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جهڙن خطرن کان به ڪميونٽيز کي محفوظ رکن ٿا جيڪي هر سال هزارين پاڪستانين کي متاثر ڪن ٿا، اهي حياتيون بچائين ٿا. صدر چيو ته آئون حڪومت جي ادارن، استادن، نوجوانن، ڪاروباري ماڻهن ۽ مقامي ڪميونٽيز کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي ٻيلن جي حفاظت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته مقامي رهواسي ڊگهي عرصي کان ٻيلن کي پائيدار طريقي سان سنڀاليندا آيا آهن، انهن جو تجربو خاندانن کي ٻارڻ، پاڻي ۽ خوراڪ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏي ٿو ۽ انهن جي شموليت انهن وسيلن جي مستقبل جي تحفظ جي لاءِ انتهائي اهم آهي، اسان سڀ گڏجي وڻن جي انگ ۾ اضافو ڪري سگهون ٿا، وسيلن کي ذميواري سان استعمال ڪري سگهون ٿا ۽ هڪ سرسبز ۽ مضبوط معيشت قائم ڪري سگهون ٿا. صدر چيو ته اسان پنهنجي عزم ۽ گڏيل ذميواري سان قدرتي ورثي جو تحفظ ڪري سگهون ٿا ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ وڌيڪ خوشحال پاڪستان جوڙي سگهون ٿا.











