اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان تحقيق، معلومات جي مٽاسٽا، شروعاتي تنبيهه نظام ۽ ماحولياتي مالي معاونت تائين پهچ جي لاءِ وڌندڙ حصيداري جي حمايت ڪري ٿو ته جيئن ڪمزور جابلو خطا بدلجندڙ حالتن جو بهتر طور تي مقابلو ڪري سگهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار برفاني گليشيئرز جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو …
پاڪستان تحقيق، معلومات جي مٽاسٽا، شروعاتي تنبيهه نظام ۽ ماحولياتي مالي معاونت تائين پهچ جي لاءِ وڌندڙ حصيداري جي حمايت ڪري ٿو ته جيئن ڪمزور جابلو خطا بدلجندڙ حالتن جو بهتر طور تي مقابلو ڪري سگهن: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان تحقيق، معلومات جي مٽاسٽا، شروعاتي تنبيهه نظام ۽ ماحولياتي مالي معاونت تائين پهچ جي لاءِ وڌندڙ حصيداري جي حمايت ڪري ٿو ته جيئن ڪمزور جابلو خطا بدلجندڙ حالتن جو بهتر طور تي مقابلو ڪري سگهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار برفاني گليشيئرز جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته برفاني گليشيئرز جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان کي انهن عظيم جابلو برفاني ذخيرن جي ان بنيادي ڪردار جي ياد ڏياري ٿو جيڪي زندگي ۽ روزگار جي تسلسل جي لاءِ لازمي آهن. صدر چيو ته پاڪستان جي لاءِ هندوڪش، قراقرم ۽ هماليه جا گليشيئرز انهن اهم ترين قدرتي نظامن ۾ شامل آهن جن تي اسان جو ملڪ دارومدار ڪري ٿو، 13 هزار کان وڌيڪ گليشيئرز سان اهو جابلو سلسلو قطبي خطن کانپوءِ برف جو سڀ کان وڏو ذخيرو رکي ٿو، اهي گليشيئرز سنڌو درياءَ جي نظام کي پاڻي فراهم ڪن ٿا جيڪو اسان جي زراعت، توانائي جي پيداوار ۽ پاڻي جي فراهمي جو بنيادي ذريعو آهي. هن چيو ته انهن گليشيئرز جي اهميت بلند جبلن کان ڪيترائي ڀيرا اڳتي محسوس ڪئي وڃي ٿي، انهن مان وهندڙ پاڻي سنڌو واديءَ جي فصلن کي سيراب ڪري ٿو، پن بجلي جي پيداوار کي برقرار رکي ٿو ۽ شهرن ۽ ڳوٺن جي روزاني جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو تنهن هوندي به اترئين علائقن ۾ رهندڙن جي لاءِ گليشيئرز جا بدلجندڙ انداز نوان خطرا پڻ آڻي رهيو آهي. هن چيو ته برفاني ڍنڍن جي اوچتو ڦاٽڻ سان ايندڙ ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ سان رستن ۽ گهرن کي پهچندڙ نقصان ڪيترن ئي خاندانن جي لاءِ سنگين ڳڻتي بڻجي چڪو آهي. صدر چيو ته ماحولياتي تبديلي گليشيئرز جي پگهڙڻ کي تيز ڪري رهي آهي ۽ برفاني ڍنڍن جي اوچتو ڦاٽڻ جي خطرن ۾ اضافو ڪري رهي اهي، سال 2025ع ۾ اتر پاڪستان ۾ شديد گرمي ۽ موسمياتي تبديلي جي ڪري ايندڙ فليش فلڊز، لينڊ سلائيڊنگ، جاني نقصان ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ نقصان هڪ واضح تنبيهه هئي. اها صورتحال ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته اسان کي تياري کي وڌيڪ بهتر بڻائڻو پوندو ۽ گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه جي جابلو علائقن ۾ رهندڙ برادرين جي مزاحمتي صلاحيت کي وڌائڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن، نيشنل ڪلائميٽ چينج پاليسي 2021ع، نيشنل ايڊاپٽيشن پلان 2023ع ۽ اسان جي قومي عزم (اين ڊي سيز) جي ذريعي اسان موسمياتي نگراني جي نظام کي بهتر بڻائڻ، شروعاتي تنبيهه نظام کي مضبوط ڪرڻ، پائيدار بنيادي ڍانچي کي فروغ ڏيڻ ۽ مقامي آبادي کي قدرتي آفتن جا خطرا گهٽ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هندوڪش – قراقرم – هماليه خطي جي گليشيئرز جي تحفظ ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ جابلو ملڪن ۽ عالمي حصيدارن جي وچ ۾ مضبوط تعاون پڻ لازمي آهي. صدر چيو ته پاڪستان تحقيق، معلومات جي مٽاسٽا، شروعاتي تنبيهه نظام ۽ ماحولياتي معاونت تائين پهچ جي لاءِ وڌندڙ حصيداري جي حمايت ڪري ٿو ته جيئن ڪمزور جابلو خطا بدلجندڙ حالتن جو بهتر طور تي مقابلو ڪري سگهن.











