قومي، ملي ۽ اسلامي وحدت ئي مسلم امت جي سمورن مسئلن جو حل آهي: طاهر محمود اشرفي

لاهور-20 مارچ (اي پي پي)پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته قومي، ملي ۽ اسلامي وحدت ئي مسلم امت جي سمورن مسئلن جو حل آهي، اڄ جيڪڏهن مسلم امت متحد ٿي وڃي ته فلسطين کان ڪشمير تائين سمورا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، اڄ ايران سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جو حل صرف ۽ صرف امت جي وحدت ۾ آهي. اهڙو اظهار …

لاهور-20 مارچ (اي پي پي)پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته قومي، ملي ۽ اسلامي وحدت ئي مسلم امت جي سمورن مسئلن جو حل آهي، اڄ جيڪڏهن مسلم امت متحد ٿي وڃي ته فلسطين کان ڪشمير تائين سمورا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، اڄ ايران سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جو حل صرف ۽ صرف امت جي وحدت ۾ آهي. اهڙو اظهار هن يوم وحدت امت جي موقعي تي گرينڊ جامع مسجد بحريه ٽائون لاهور ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ايران ۽ عرب اسلامي ملڪن جي جيڪا صورتحال آهي، ان سان پوري دنيا جو امن ۽ معيشت متاثر ٿي رهي آهي، دنيا کي جنگ بند ڪرائڻ ۽ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پاڪستان جو موقف عالم اسلام جي مسئلن جي حوالي سان اعتدال تي ٻڌل آهي، اسان چاهيون ٿا ته اسلامي ملڪن وچ ۾ ڪنهن به قسم جا اختلاف پيدا نه ٿين. ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جا حملا عرب اسلامي ملڪن تي ايران طرفان حملا امت کي ڪمزور ڪرڻ جا سبب بڻجي رهيا آهن. دشمن چاهي ٿو ته مسلم دنيا پاڻ ۾ الجهيل رهي ۽ هو ڪامياب ٿي وڃن.