وزيراعظم شهباز شريف جي جمهوريه مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني

لاهور – 20 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ عرب جمهوريه مصر نار ۾ جاري ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي جي لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف عرب جمهوريه مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان  ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب …

لاهور – 20 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ عرب جمهوريه مصر نار ۾ جاري ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي جي لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف عرب جمهوريه مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان  ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گرمجوش ۽ دوستاڻي ماحول ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم صدر السيسي ۽ مصر جي ڀائر عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني، صدر السيسي پڻ وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي مصر جي تعميري سفارتي ڪردار کي ساراهيو، خاص طور تي وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ان جي نمايان ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ايران ۽ نار خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ جاري ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي جي لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکيون وڃن.