اسلام آباد-20 مارچ (اي پي پي)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري دعوتِ اسلامي پاران ڪوٺايل پاڪستان جي شهيدن جي مان ۾ دعا واري افطار تقريب ۾ شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير هٿياربند فوج ۽ پوليس جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. دعوت اسلامي جي انتظام هيٺ ڪوٺايل تقريب ۾ ذڪر، بيان ۽ اجتماعي دعا جو بندوبست ڪيو ويو. افطار تقريب ۾ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ ملڪ جي …
گهرو معاملن واري مملڪتي وزير شهيدن جي اعزاز ۾ منعقد دعا واري افطار تقريب ۾ شرڪت ڪئي

مزید خبریں
اسلام آباد-20 مارچ (اي پي پي)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري دعوتِ اسلامي پاران ڪوٺايل پاڪستان جي شهيدن جي مان ۾ دعا واري افطار تقريب ۾ شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير هٿياربند فوج ۽ پوليس جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. دعوت اسلامي جي انتظام هيٺ ڪوٺايل تقريب ۾ ذڪر، بيان ۽ اجتماعي دعا جو بندوبست ڪيو ويو. افطار تقريب ۾ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون. مملڪتي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شهيدن جون قربانيون قومي فخر آهن انهن عيوض ملڪ محفوظ آهي، پاڪستان جي امن جا دشمن ناڪام ٿيندا، قوم متحد آهي. عالم سڳورا امن امان لاءِ فرنٽ لائن ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، طلال چوڌري چيو ته فرقيواراڻي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۾ عالم سڳورن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.











