لاهور – 20 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان جي قيادت ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي نار ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ تڪرارن کي سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن عيدالفطر جي موقعي تي مبارڪباد …
وزيراعظم شهباز شريف جي جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
لاهور – 20 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان جي قيادت ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي نار ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ تڪرارن کي سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن عيدالفطر جي موقعي تي مبارڪباد وارن پيغامن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل گرمجوش ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ازبڪستان جي صدر ۽ ڀائر عوام جي لاءِ دلي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، جنهن کي ازبڪ صدر انتهائي خلوص سان قبول ڪيو ۽ وزيراعظم جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گذريل مهيني ازبڪستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري جي انتهائي ڪامياب نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ اهم فيصلن تي باقاعده اڳڀرائي سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. بنهي اڳواڻن ايران ۽ نار خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فوري طور تي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آندي وڃي ۽ سمورن تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي فروغ ڏنو وڃي.











