لاهور – 20 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا جي قيادت ايران ۽ نار خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي امن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گرمجوش ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ملائيشيا …
وزيراعظم شهباز شريف جي ملائيشيا جي هم منصب کي ٽيليفون، ٻنهي اڳواڻن پاران نار خطي ۾ ڇڪتان ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ضرورت تي زور

مزید خبریں
لاهور – 20 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا جي قيادت ايران ۽ نار خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي امن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گرمجوش ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ملائيشيا جي وزيراعظم، حڪومت ۽ عوام کي عيدالفطر جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. داتوسري انور ابراهيم پڻ انتهائي خلوص سان عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي. مسلمان امت جي لاءِ امن ۽ هم آهنگي جي دعا ڪندي ٻنهي اڳواڻن ايران ۽ نار خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ان حوالي سان امن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ ملائيشيا جي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











