وزيراعظم شهباز شريف جي آذربائيجان جي صدر کي ٽيليفون، عيد جي مبارڪباد ڏني، نار ۾ ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان جي قيادت نار ۾ جاري ڇڪتاڻ فوري طور تي گهٽ ڪندي سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد جي مٽاسٽا جي لاءِ جمهوريه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب …

اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان جي قيادت نار ۾ جاري ڇڪتاڻ فوري طور تي گهٽ ڪندي سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد جي مٽاسٽا جي لاءِ جمهوريه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف صدر الهام عليوف ۽ آذربائيجان جي ڀائر عوام کي عيدالفطر جي دلي مبارڪباد ڏني. آذربائيجان جي صدر پاڪستاني عوام جي لاءِ انهن جذبن جو گرمجوشي سان جواب ڏنو. ٻنهي اڳواڻن امت جي صفن ۾ اتحاد جي دعا پڻ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ايران ۽ نار ۾ جاري ڇڪتاڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آذربائيجان جي خلاف حملن جي شديد مذمت جو ورجاءُ ڪندي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ آذربائيجان جي ڀائر عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن فوري طور تي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري تي زور ڏنو. پاڪستان آذربائيجان لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو.