صدر آصف علي زرداري پاران قومي ڏينهن تي تيونس جي قيادت کي مبارڪون

اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جمهوريه تيونس جي صدر قيس سعيد ۽ تيونس جي دوست عوام کي انهن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته پاڪستان ۽ تيونس جي وچ ۾ خوشگوار ۽ پائيدار لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل احترام، گڏيل قدرن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ …

اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جمهوريه تيونس جي صدر قيس سعيد ۽ تيونس جي دوست عوام کي انهن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته پاڪستان ۽ تيونس جي وچ ۾ خوشگوار ۽ پائيدار لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل احترام، گڏيل قدرن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجهي رابطن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته گذريل سالن دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون دوستي ۽ خيرسگالي جي جذبي جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو اڄ به ان تعلق کي رهنمائي فراهم ڪري رهيو آهي. صدر ان يقين جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندا. صدر آصف علي زرداري صدر قيس سعيد جي صحت ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ تيونس جي عوام جي لاءِ مسلسل امن، ترقي ۽ خوشحالي جي دعا ڪئي.