افغان طالبان رجيم جي آپريشن غضب الحق جي عارضي معطلي جي خلاف ورزي بابت دعويٰ کل جوڳو آهي: فيڪٽ چيڪر، اطلاعات واري وزارت

اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت افغان طالبان رجيم جي نام نهاد ترجمان جي آپريشن غضب الحق جي عارضي معطلي جي خلاف ورزي بابت دعويٰ کي کل جوڳو قرار ڏنو آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ فيڪٽ چيڪر اطلاعات ۽ نشريات واري زارت افغان طالبان حڪومت جي نام نهاد دفاع واري وزارت جي ترجمان جي ان دعويٰ …

اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت افغان طالبان رجيم جي نام نهاد ترجمان جي آپريشن غضب الحق جي عارضي معطلي جي خلاف ورزي بابت دعويٰ کي کل جوڳو قرار ڏنو آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ فيڪٽ چيڪر اطلاعات ۽ نشريات واري زارت افغان طالبان حڪومت جي نام نهاد دفاع واري وزارت جي ترجمان جي ان دعويٰ ته پاڪستان عيدالفطر جي ڏس ۾ پاڻ پنهنجي پاران ڪيل عارضي وقفي جي خلاف ورزي ڪئي آهي، کي بي بنياد قرار ڏنو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پاران اولهندي سرحد تي سيز فائر ۾ عارضي وقفي جي ڪا خلاف ورزي ناهي ڪئي وئي، اهڙيون سموريون دعوائون سراسر بي بنياد ۽ غلط آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اهڙي طرح جي پروپئگنڊه شايد طالبان رجيم جي اندر موجود مخالفن پاران شروع ٿي سگهي ٿي جنهن جو مقصد افغان طالبان رجيم پاران دهشتگردي جي ڪاررواين جو جواز پيدا ڪرڻ آهي. ان ڳالهه کان قطعي نظر ته پروپئگنڊه ۽ ڪوڙي دعويٰ ڪنهن شروع ڪئي، پاڪستان اڳ ۾ ئي واضح ڪري چڪو آهي افغان طالبان حڪومت ۽ ان جي پراڪسيز پاران ڪنهن به دهشتگردي، سرحد پار حملي يا ڊرون حملي وغيره جي صورت ۾ سيز فائر ۾ عارضي وقفو فوري طور تي ختم ٿي ويندو ۽ ”آپريشن غضب الحق“ نئين سر ڀرپور شدت سان ٻيهر شروع ڪيو ويندو.