نوروز بهار جي آمد، نئين شروعات ۽ نئين اميد جي علامت ۽ امن ۽ محبت، دوستي، هم آهنگي ۽ ثقافتن جي وچ ۾ يڪجهتي جو پيغام ڏي ٿو: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پارسي برادري کي نوروز جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته نوروز بهار جي آمد، نئين شروعات ۽ نئين اميد جي علامت ۽ امن ۽ محبت، دوستي، هم آهنگي ۽ ثقافتن جي وچ ۾ يڪجهتي جو پيغام ڏي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نوروز جي موقعي ي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف …

اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پارسي برادري کي نوروز جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته نوروز بهار جي آمد، نئين شروعات ۽ نئين اميد جي علامت ۽ امن ۽ محبت، دوستي، هم آهنگي ۽ ثقافتن جي وچ ۾ يڪجهتي جو پيغام ڏي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نوروز جي موقعي ي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو نوروز ڏهاڙي تي پاڪستان ۾ رهندڙ پارسي برادري ۽ سڄي دنيا ۾ ان ڏينهن کي ملهائيندڙ سمورن ماڻهن کي دلي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي قومي تشخص ۽ نوروز ۾ ثقافتي تنوع جو احترام، مذهبي آزادي جو تحفظ ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جهڙا قدر گڏيل آهن، پاڪستان جو آئين سمورن شهرين جي مذهبي عبادتن کي تحفظ ڏي ٿو، پاڪستان جي آئين جي روشني ۾ بين المذاهب هم آهنگي ۽ مذهبي ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ موثر پاليسي قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته حڪومت مذهبي هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ بين المذاهب هم آهنگي بابت پاليسي 2025ع ۽ مذهبي ڀائيچاري بابت حڪمت عملي 2025ع جي شڪل ۾ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. انهن پاليسي قدمن جو مقصد مذهبن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي فروغ، تڪرارن جي حل جو موثر نظام، نفرت انگيز تقريرن جي روڪٿام ۽ گڏيل انساني قدرن جي شعور کي اجاگر ڪرڻ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ موجود سمورن مذهبن جي پوئلڳن جي حفاظت، انهن جي عبادتگاهن ۽ مذهبي ورثي جي سارسنڀال حڪومت جي فرضن ۾ شامل آهي. حڪومت، ميڊيا، تعليمي ادارن، سول سوسائٽي ۽ مذهبي اڳواڻن جي حصيداري سان گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم جي فضا کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اچو اسان بحيثيت قوم گڏيل هم آهنگي، مذهبي ڀائيچاري ۽ برداشت ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪريون.