ايران جي شهر اصفهان  ۾ يورينيم رچاءَ جي تازن ٺڪاڻن بابت ڪا به معلومات ناهي: آءِ اي اي اي

واشنگٽن - 19 مارچ (اي پي پي) ايٽمي توانائي بابت عالمي اداري (آءِ اي اي اي ) چيو آهي ته کيس ايران جي شهر اصفهان ۾ يورينيم رچاءَ جي تازن ٺڪاڻن  جي صورتحال بابت ڪا به معلومات ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، اها ڳالهه آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي گذريل ڏينهن آمريڪا جي دوري جي موقعي تي چئي. هن چيو ته هي (ٺڪاڻا) زمين هيٺ موجود آهن …

واشنگٽن – 19 مارچ (اي پي پي) ايٽمي توانائي بابت عالمي اداري (آءِ اي اي اي ) چيو آهي ته کيس ايران جي شهر اصفهان ۾ يورينيم رچاءَ جي تازن ٺڪاڻن  جي صورتحال بابت ڪا به معلومات ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، اها ڳالهه آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي گذريل ڏينهن آمريڪا جي دوري جي موقعي تي چئي. هن چيو ته هي (ٺڪاڻا) زمين هيٺ موجود آهن پر اسان اڃا تائين ان جو دورو ناهيون ڪري سگهيا. رافيل گروسي چيو ته ايران گذريل سال جون ۾ اداري کي نون  ٺڪاڻن جي موجودگي بابت اطلاع ڏنو هو، اسان جا انسپيڪٽرز هن مهيني جي آخر ۾ معائني لاءِ اصفهان ۾ هئا پر کين ان وقت دورو ملتوي ڪرڻو پيو جڏهن اتان جي ايٽمي ڪامپليڪس تي اسرائيل سان گڏ 12 ڏينهن جنگ جي شروعات ۾ بمباري ڪئي وئي .هن چيو ته انسپيڪٽرن پاران دورو ملتوي ٿيڻ سبب اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو ته ڇا اهو صرف هڪ خالي هال آهي يا ان ۾ سينٽري فيوجز جي تنصيب لاءِ ڪنڪريٽ جا بنياد تيار آهن، اهي مشينون جيڪي بجلي گهرن ۽ ايٽمي هٿيارن لاءِ يورينيم جي رچاءِ لاءِ استعمال ٿينديون آهن. هن چيو ته ڪجهه اهڙا سوال آهن جن جي وضاحت اسان صرف ان صورت ۾ ڪري سگهنداسين جڏهن اسان اتي واپس وڃي سگهون.