مظفرآباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر رياست آزاد ڄمون ڪشمير جي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر آزاد ڄمون ڪشمير صدر جي چونڊ جو شيڊول جاري ڪيو. شيڊول مطابق صدر جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ 19 سيپٽمبر 2026ع تي جمع ٿيندا، انهي ڏينهن ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي ويندي، جڏهن ته 23 سيپٽمبر تائين نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهجن ٿا. صدر جي چونڊ 24 سيپٽمبر 2026ع …
آزاد ڄمون ڪشمير رياست جي صدر جي چونڊ جو شيڊول جاري

مزید خبریں
مظفرآباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر رياست آزاد ڄمون ڪشمير جي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر آزاد ڄمون ڪشمير صدر جي چونڊ جو شيڊول جاري ڪيو. شيڊول مطابق صدر جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ 19 سيپٽمبر 2026ع تي جمع ٿيندا، انهي ڏينهن ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي ويندي، جڏهن ته 23 سيپٽمبر تائين نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهجن ٿا. صدر جي چونڊ 24 سيپٽمبر 2026ع تي صبح 10 وڳي کان ٻنپهرن جو هڪ وڳي تائين اسيمبلي سيڪريٽريٽ مظفرآباد ۾ ٿيندي.










