اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) بئنڪن پاران نجي شعبي کي قرضن جي فراهمي ۾ فيبروري دوران اضافو رڪارڊ ٿيو. اسٽيٽ بئنڪ مطابق فيبروري جي پڄاڻي تي بئنڪن پاران نجي شعبي کي فراهم ڪيل مجموعي ڳاڻيٽو 10609 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال فيبروري جي ڀيٽ ۾ 13.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال فيبروري ۾ بئنڪن پاران نجي شعبي کي فراهم ڪيل مجموعي قرضن جو ڳاڻيٽو …
بئنڪن پاران نجي شعبي کي قرضن جي فراهمي ۾ فيبروري دوران ساليانو بنيادن تي 13.6 سيڪڙوجو اضافو ٿيو: اسٽيٽ بئنڪ

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) بئنڪن پاران نجي شعبي کي قرضن جي فراهمي ۾ فيبروري دوران اضافو رڪارڊ ٿيو. اسٽيٽ بئنڪ مطابق فيبروري جي پڄاڻي تي بئنڪن پاران نجي شعبي کي فراهم ڪيل مجموعي ڳاڻيٽو 10609 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال فيبروري جي ڀيٽ ۾ 13.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال فيبروري ۾ بئنڪن پاران نجي شعبي کي فراهم ڪيل مجموعي قرضن جو ڳاڻيٽو 9341 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. جنوري جي ڀيٽ ۾ فيبروري ۾ بئنڪن پاران نجي شعبي کي قرضن جي فراهمي ۾ ماهوار بنيادن تي 2.6 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، جنوري جي پڄاڻي تي بئنڪن طرفان نجي شعبي کي فراهم ڪيل مجموعي قرضن جو ڳاڻيٽو 10342 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو فيبروري ۾ وڌي 10609 ارب روپيا ٿي ويو.











