اسلام آباد-19 مارچ (اي پي پي) قومي صحت واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار ڀرٿ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪاربوهائيڊريٽس جي وڌيڪ استعمال ۽ غير متوازن طرز زندگي سبب ٿولهه ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، جيڪو آخرڪار ٽائپ ٽو شوگر، دل جي مرض ۽ هاءِ بلڊ پريشر جهڙين خطرناڪ بيمارين جو سبب بڻجي رهيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ هر ٽن مان هڪ …
ڪاربوهائيڊريٽس جي وڌيڪ استعمال ۽ غير متوازن طرز زندگي سبب ٿولهه ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي: ڊاڪٽر مختار ڀرٿ

مزید خبریں
اسلام آباد-19 مارچ (اي پي پي) قومي صحت واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار ڀرٿ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪاربوهائيڊريٽس جي وڌيڪ استعمال ۽ غير متوازن طرز زندگي سبب ٿولهه ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، جيڪو آخرڪار ٽائپ ٽو شوگر، دل جي مرض ۽ هاءِ بلڊ پريشر جهڙين خطرناڪ بيمارين جو سبب بڻجي رهيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ هر ٽن مان هڪ ماڻهو ٿولهه جو شڪار آهي، جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. هن جو چوڻ هو ته صحتمند معاشري جي قيام لاءِ طرز زندگي ۾ مثبت تبديلي اڻٽر آهي، جيڪڏهن اسان کي اسپتالن تي بار گهٽ ڪرڻو آهي ته اسان کي پنهنجي خوراڪ ۽ عادت بدلائڻي پوندي. مملڪتي وزير چيو ته فاسٽ فوڊ، وڌيڪ سڻڀ ۽ لوڻ وارا کاڌا ۽ مٺاڻ سان ڀرپور مشروبات جو وڌندڙ استعمال نئين نسل کي خطرناڪ حد تائين متاثر ڪري رهيو آهي.هن موجب پاڪستان ۾ هر پنجن مان هڪ ٻار ٿولهه جو شڪار آهي، جيڪو مستقبل ۾ هڪ وڏي صحت جي بحران جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هن تعليمي ادارن ۽ لاڳاپيل کاتن تي زور ڀريو ته هو ٻارن ۾ صحت مند طرز زندگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ موثر ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته وزيراعظم جي ذيابيطس ميليٽس بابت نيشنل پروگرام تحت آگاهي ۽ اسڪريننگ مهم جي باقاعده شروعات ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٿولهه ۽اڻ وچڙندڙ بيمارين جي روڪٿام تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. ان موقعي تي عالمي حصيدارن ۽ ڊينمارڪ جي سفير جي شرڪت کي ساراهيندي هن چيو ته عالمي تعاون سان صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته اڻ وچڙندڙ بيمارين جو وڌندڙ بار ان حد تائين پهچي چڪو آهي جو صحت جو نظام وڏي انگ ۾ باءِ پاس آپريشنز، اينجيوگرافيز ۽ اينجيوپلاسٽيز جي سٽ سهي نٿو سگهي، خاص ڪري جڏهن ننڍي عمر جي ماڻهن ۾ به دل جي بيماري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هن موجب ان مسئلي جو بنيادي سبب خراب طرز زندگي ۽ ناقص غذائي عادتون آهن. حڪومت صحت جي شعبي جي ترقي ۽ اسپتالن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته بيمارين جي روڪٿام لاءِ عوامي شعور بيدار ڪرڻ اولين ترجيح آهي.











