خيرپور ۾ کجور جي روانگي واپار ۽ ويليو ايڊيشن وڌائڻ لاءِ 59 ڪروڙ روپين جي منصوبي جي تجويز

اسلام آباد-19 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي کجور جي شعبي ۾ تحقيق ۽ فصل لهڻ کانپوءِ واري (پوسٽ هارويسٽ) نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت خيرپور ۾ ڊيٽ پام ريسرچ انسٽيٽيوٽ (ڊي پي آر آءِ) جي اپ گريڊيشن لاءِ 592.364 ملين روپين جو منصوبو تجويز ڪيو آهي. ويلٿ پاڪستان کي دستياب سرڪاري دستاويزن موجب پنجن سالن وارو منصوبو جولاءِ 2026ع کان جون 2031ع …

اسلام آباد-19 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي کجور جي شعبي ۾ تحقيق ۽ فصل لهڻ کانپوءِ واري (پوسٽ هارويسٽ) نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت خيرپور ۾ ڊيٽ پام ريسرچ انسٽيٽيوٽ (ڊي پي آر آءِ) جي اپ گريڊيشن لاءِ 592.364 ملين روپين جو منصوبو تجويز ڪيو آهي. ويلٿ پاڪستان کي دستياب سرڪاري دستاويزن موجب پنجن سالن وارو منصوبو جولاءِ 2026ع کان جون 2031ع تائين جاري رهندو، ان کي پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل (پارڪ) ڪندي. هي منصوبو حڪومت جي ترقياتي ترجيحن جن ۾ فائيو ايز فريم ورڪ، 13 هون پنج سالن وارو منصوبو ۽ نيشنل ايگريڪلچر انوويشن اينڊ گروٿ پروگرام (اين اي آءِ جي پي) شامل آهن، جي موجب آهي ۽ کجور جي شعبي ۾ جدت ۽ ڪمرشلائيزيشن کي هٿي ڏيڻ تي آهي. ان قدم تحت تحقيق جي ڪمرشلائيزيشن ۽ زرعي پراسيسنگ نظام کي مضبوط بڻايو ويندو، معياري کجور مصنوعات ذريعي روانگي واپار کي هٿي ڏني ويندي ۽ ماحولياتي شعبي تحت موسمياتي تبديلي جي مقابلي جي صلاحيت کي بهتر بڻايو ويندو. ان کانسواءِ توانائي ۽ انفرا اسٽرڪچر تحت پراسيسنگ سهولتن کي مضبوط ڪيو ويندو، اي پاڪستان تحت تحقيقي نظام کي سپورٽ ملندي جڏهن ته ايڪويٽي اينڊ امپاورمنٽ تحت ٻهراڙي جي روزگار کي بهتر بڻايو ويندو. ڊي پي آر آءِ جي اپ گريڊيشن جو مقصد اعليٰ قدر جي باغباني کي هٿي ڏيڻ آهي جنهن لاءِ ٽشو ڪلچر ذريعي اعليٰ معيار جي کجور جا قسم پوکڻ، جديد پيداواري ٽيڪنالاجي جو تعارف ۽ فصل لهڻ کانپوءِ واري پراسيسنگ کي بهتر بڻائي ايڪسپورٽ ويليو ايڊڊ مصنوعات ۾ اضافو ڪيو ويندو. منصوبي جي مخصوص هدفن ۾ اجوا، برهي، ڊيگليٽ نور، حياني، ڪينٽا، مبروم، مجهول ۽ پياروم جهڙن پرڏيهي ۽ اعليٰ قسمن جي تيز رفتار واڌ ويجهه ٽشو ڪلچر ٽيڪنڪ ذريعي شامل آهي، ان سان گڏ پيداوار ۾ فرق گهٽ ڪرڻ لاءِ بهتر ٽيڪنالاجيز تيار ڪئي ويندي، فصل لهڻ کانپوءِ جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ موثر پراسيسنگ طريقا متعارف ڪرايا ويندا ۽ ويليو ايڊڊ مصنوعات جي ڪمرشلائيزيشن کي هٿي ڏيندي ويندي. اهم هدفن ۾ خيرپور ۾ جديد طريقي جهڙوڪ پولينيشن، آبپاشي، ڀاڻ جي بهتر استعمال ۽ نقصانڪار جيتن جي ڪنٽرول ذريعي اعليٰ قسم جي باغن جي ترقي شامل آهي. منصوبي تحت هڪ جديد ٽشو ڪلچر ليبارٽري قائم ڪئي ويندي، جنهن جي سالياني پيداوار 200000 ٻوٽا لڳائيندي ۽ شروعاتي مرحلي ۾ اٽڪل 3 هزار ايڪڙ ايراضي تي ڪم ڪيو ويندو، ان کانسواءِ 40 سولر ٽنل ڊرائرز لڳايا ويندا، جڏهن ته آبادگارن کي ٻنين ۾ معياري سطح جي پراسيسنگ ۽ پيڪيجنگ جون سهولتون به فراهم ڪيون وينديون ته جئين فصل لهڻ کانپوءِ واري عمل ۽ مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي.