مشينري گروپ جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال دوران 12 سيڪڙو جو  اضافو رڪارڊ

اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) ملڪ جي مشينري گروپ جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال دوران سالياني بنيادن تي 12 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي شروعاتي 8 مهينن ۾ مشينري گروپ جي آمدني واپار تي 6.988 ارب ڊالر جو مٽا سٽا وارو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل سال جي ساڳي مدي جي ڀيٽ ۾ …

اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) ملڪ جي مشينري گروپ جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال دوران سالياني بنيادن تي 12 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي شروعاتي 8 مهينن ۾ مشينري گروپ جي آمدني واپار تي 6.988 ارب ڊالر جو مٽا سٽا وارو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل سال جي ساڳي مدي جي ڀيٽ ۾ 12 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل مالي سال جي ساڳي مدي ۾ مشينري گروپ جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 6.254 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو هو.