اسلام آباد-18 مارچ (اي پي پي) پيٽروليم شين جي قيمتن جي نگرانيءَ لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ کي ٻُڌايو ويو ته عالمي مارڪيٽ ۾ توانائي جي سخت لاهن چاڙهن ۽ علائقائي صورتحال باوجود ملڪ ۾ ٻارڻ جي فراهمي مستحڪم آهي ۽ گهڻي مقدار ۾ ذخيرا موجود آهن، ڊيزل جا موجوده ذخيرا تقريبن 24 ڏينهن لاءِ ڪافي آهن، اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته قومي ذخيرن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ مارچ ۽ اپريل …
عالمي مارڪيٽ ۾ سخت لاهن چاڙهن باوجود ملڪ ۾ ٻارڻ جي فراهمي مستحڪم آهي، پيٽروليم شين جي قيمتن جي نگراني لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ کي بريفنگ

مزید خبریں
اسلام آباد-18 مارچ (اي پي پي) پيٽروليم شين جي قيمتن جي نگرانيءَ لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ کي ٻُڌايو ويو ته عالمي مارڪيٽ ۾ توانائي جي سخت لاهن چاڙهن ۽ علائقائي صورتحال باوجود ملڪ ۾ ٻارڻ جي فراهمي مستحڪم آهي ۽ گهڻي مقدار ۾ ذخيرا موجود آهن، ڊيزل جا موجوده ذخيرا تقريبن 24 ڏينهن لاءِ ڪافي آهن، اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته قومي ذخيرن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ مارچ ۽ اپريل لاءِ واڌو امپورٽ جا انتظام به ڪيا پيا وڃن. ڪميٽيءَ جو اجلاس وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو جنهن ۾ خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي شعبي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير رانا تنوير حسين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پيٽروليم شين جي ذخيرن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻُڌايو ته عالمي توانائي مارڪيٽ ۾ سخت لاهن چاڙهن ۽ علائقائي صورتحال سبب ملڪ ۾ ٻارڻ جي فراهمي مستحڪم آهي ۽ گهڻي مقدار ۾ ذخيرا موجود آهن. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته ڊيزل جا موجوده ذخيرا تقريبن 24 ڏينهن لاءِ ڪافي آهن، جڏهن ته پيٽرول جا ذخيرا به تسلي بخش سطح تي آهن جنهن کي جاري امپورٽ ۽ ريفائنري آپريشنز عيوض برقرار رکيو پيو وڃي. پيٽروليم ڊويزن طرفان ڪميٽيءَ کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪچي تيل جو هڪ جهاز پهچي چڪو آهي ۽ ان جي لوڊنگ جاري آهي، جڏهن ته هڪ ٻيو جهاز ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ڪراچي بندرگاهه پهچڻ وارو آهي. وڌيڪ کيپون رستي تي آهن ۽ مارچ ۽ ـاپريل لاءِ اضافي امپورٽ جا انتظام به جاري ڪيا ويا آهن ته جيئن قومي ذخيري کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. ڪميٽيءَ کي ٻُڌايو ويو ته نئين کيپ جي پراسيسنگ سان ريفائنري پيداوار ۾ واڌ جو امڪان آهي ۽ پيداواري صلاحيت کي بهتر بنائڻ لاءِ قدم جاري آهن. ڪميٽيءَ کي ٻُڌايو ويو ته عالمي پيٽروليم مارڪيٽ ۾ هن وقت غير معمولي دٻاءُ آهي جتي بينچ مارڪ قيمتن ۽ ڪارگو پريميم ٻنهي ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. ميمبرن نوٽ ڪيو ته اها صورتحال خطي ۾ غير يقيني حالتن سبب سپلاءِ ۾ خدشن جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ آئينده ڪارگو لاءِ پريميم بدستور بلند رهڻ جو امڪان آهي. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته عالمي قيمتن ۾ واڌ سان امپورٽ لاڳت نمايان طور تي وڌي رهي آهي جنهن سبب ڏي وٺ جي ڳاڻيٽي ۾ واڌ ۽ موجوده مالياتي بندوبست تي دٻاءُ پيدا ٿيو آهي. ڪميٽي ليٽرز آف ڪريڊٽ جي ڳاڻيٽي ۾ واڌ سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن تي غور ڪيو ۽ مالياتي ادارن ۽ امپورٽ جو واپار ڪندڙن وچ ۾ بهتر هم آهنگي جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن ٻارڻ جي امپورٽ جو تسلسل برقرار رکي سگهجي. ناڻي واري وزير معاملي کي اسٽيٽ بئنڪ ۽ پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن سان اُٿارڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن سهولتڪاري جا قدم کڻي سگهجن جن ۾ عارضي مالياتي سهولتون ۽ ڪنسورشيم بنيادن تي فنانسنگ شامل ٿي سگهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر خاطري ڪرائي ته احتياطي حدن بابت مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو جڏهن ته بئنڪن جي موجوده حالتن جي نظر ۾ لچڪدار رويو اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي ملڪي سطح تي ٻارڻ جي طلب جو جائزو ورتو ۽ ويجهن هفتن ۾ طلب ۽ واڌ جا آثار نوٽ ڪيا. ميمبرن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ذخيره اندوزي جي حوصله شڪني لاءِ ويجهي نگراني ضروري آهي ته جيئن فراهمي نظام ۾ ٻارڻ جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. صوبائي حڪومتن ۽ ريگيوليٽري ادارن کي نگراني سخت ڪرڻ ۽ ضرورت پوڻ تي معائنو ۽ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. عيد جي موڪلن ۽ فصل جي ڪٽائي جي موسم کي نظر ۾ رکندي سپلاءِ جي تسلسل جو به جائزو ورتو ويو. ڪميٽيءَ کي ٻُڌايو ويو ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون طلب پوري ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن جڏهن ته ڊيپو معمول موجب فعال رهندا ۽ ٻارڻ جي فراهميءَ ۾ ڪنهن به رڪاوٽ جو امڪان ناهي. اجلاس ۾ ذخيرن ۽ سپلاءِ جي صورتحال تي نظر رکڻ لاءِ ڊجيٽل ڊيش بورڊ جي تياري تي اڳڀرائيءَ جو جائزو به ورتو ويو جنهن جو مقصد حقيقي وقت ۾ ڄاڻ جي دستيابيءَ کي بهتر بنائڻ آهي. ناڻي واري وزير هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا وقت سر ڊيٽا شيئرنگ يقيني بڻائين ته جيئن بهتر فيصلا ڪري سگهجن. ڪميٽيءَ کي آگاهه ڪيو ويو ته سپلاءِ جي ذريعن کي جدت بنائڻ لاءِ عالمي ڀائيوارن سان رابطا جاري آهن جن ۾ حڪومت سان حڪومت جي سطح تي معاهدا به شامل آهن. اميد آهي ته ايندڙ هفتن ۾ واڌو امپورٽ سان سپلاءِ وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. ناڻي واري وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت جي پهرين ترجيح ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بنائڻ ۽ ٻارڻ کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ آهي. هن حڪومت جي ان عزم کي پڻ ورجايو ته توانائيءَ جي شعبي ۾ استحڪام برقرار رکيو وڃي، قومي توانائي سلامتي جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ بدلجندڙ عالمي حالتن باوجود پيٽروليم سپلاءِ چين کي بنا رنڊڪ جاري رکيو وڃي.











