خضدار-18 مارچ (اي پي پي) بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگرد نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائيءَ ۾ هڪ عورت بمبار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان دهشتگرد نيٽ ورڪ ۾ ڊاڪٽر صبيحه نالي عورت جو نالو سامهون آيو آهي جيڪا ڇوڪرين کي ڏٽا ڏئي آپگهاتي حملن تي مجبور ڪري ٿي. ان مقصد لاءِ ڇوڪرين جو نفسياتي ۽ ذاتي استحصال به ڪيو وڃي ٿو. گرفتار ٿيل عورت آپگهات بمبار بلوچستان …
خضدار مان عورت آپگهات بمبار گرفتار، دهشتگرد نيٽ ورڪ ۾ شامل ڊاڪٽر صبيحه طرفان ڇوڪرين کي شدت پسندي ۽ آپگهاتي حملن لاءِ تيار ڪرڻ جو انڪشاف

مزید خبریں
خضدار-18 مارچ (اي پي پي) بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگرد نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائيءَ ۾ هڪ عورت بمبار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان دهشتگرد نيٽ ورڪ ۾ ڊاڪٽر صبيحه نالي عورت جو نالو سامهون آيو آهي جيڪا ڇوڪرين کي ڏٽا ڏئي آپگهاتي حملن تي مجبور ڪري ٿي. ان مقصد لاءِ ڇوڪرين جو نفسياتي ۽ ذاتي استحصال به ڪيو وڃي ٿو. گرفتار ٿيل عورت آپگهات بمبار بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري رهي هئي. هن ٻُڌايو ته منهنجو نالو لائيبه آهي ۽ خضدار ضلعي تعلقي زهري جي ڪل چشما جي رهواسڻ آهيان، مون کي گهر ۽ ڳوٺ ۾ فرزانه جي نالي سڃاتو وڃي ٿو. گذريل سال جولاءِ مهيني منهنجو رابطو ٽي ٽي پي جي ڪمانڊر ابراهيم عرف قاضي سان ٿيو. ان آپگهات ڪرڻ لاءِ منهنجي ذهن سازي ڪئي. ڪالعدم تنظيم ابراهيم جي تنظيمي ڳالهين کان متاثر ٿي مان آپگهاتي حملا ڪرڻ تي رضامند ٿي ويس. آپگهاتي حملي آور عورت وڌيڪ ٻُڌايو ته ڪمانڊر ابراهيم منهنجو رابطو دل جان سان ڪرايو، جنهن مون کي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي (بي واءِ سي) جي اڳواڻ ڊاڪٽر صبيحه سان ملائيو هو، ڊاڪٽر صبيحه جيڪا ان دهشتگرد ورڪ جو اهم حصو آهي، ان نيٽ ورڪ ۾ ڇوڪرين کي ڏٽا ڏئي انهن جو نفسياتي ۽ ذاتي استحصال ڪيو وڃي ٿو ۽ پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي ذهن سازي ڪئي وڃي ٿي. بمبار عورت وڌيڪ ٻُڌايو ته ڊاڪٽر صبيحه مالي طور تي ڪمزور نوجوان ڇوڪرين جو استحال ڪرڻ کانپوءِ کين شدت پسندي طرف راغب ڪري ٿي. لائيبه ٻُڌايو ته مون کي ٽارگيٽ ڏنو ويو ته مان وڌيڪ ڇوڪرين کي فدائي (آپگهات) حملن لاءِ تيار ڪريان، ڪمانڊر دل جان سان مون سان ملاقات ڪرڻي هئي ۽ مون کي پاڻ سان ڪيمپ وٺي وڃڻو هو ۽ آپگهات حملي لاءِ ٽارگيٽ ٻُڌائڻو هو. پر منهنجي خضدار پهچڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويو. بمبار عورت چيو ته مان ڀٽڪي وئي آهيان. اڄ کان پوءِ اهڙو ڪم نه ڪرڻ جو وعدو ڪريان ٿي ۽ مان پاڻ جهڙين ڇوڪرين کي ٻُڌائڻ چاهيان ٿي ته اهي اهڙيءَ طرح جي غلط ڪمن کان پاڻ کي پري رکن.











